اسلام آباد ??? 01 – جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب جي صدارت ۾ سرڪاري اشتهارن جي ورڇ ۾ شفافيت يقيني بڻائڻ جي لاءِ وڏا فيصلا ڪيا ويا آهن، ب??قا??دگي سان شايع ٿيندڙ اخبارن کي منصفاڻي ۽ شفاف طريقي سان اشتهار جاري ڪيا ويندا. ذريعن موجب ان اجلاس ۾ اطلاعات واري وفاقي سيڪريٽري شاهيره شاهد، پرنسپل انفارميشن آفيسر مبشر حسن سميت ٻيا اعليٰ عملدار شريڪ هئا. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته اشتهارن جي ورڇ اخبارن ۽ رسالن ??ي ڇپائي جي انگ جاچڻ جي لاءِ ڊي??يٽل نظام آندو وڃي. اجلاس کي اخبارن ۽ رسالن ??ي ڇپائي جاچڻ جي لاءِ فهرست (اي بي سي) جي حوالي سان بريفنگ ڏني وئي. اجلاس ۾ قومي ۽ علائقائي اخبارن ۽ رسالن ??ي اي بي سي بابت جامع پاليسي اختيار ڪرڻ تي غور ڪيو ويو. اخبارن جي ب??قا??دگي سان ڇپائي ۽ انگ جاچڻ لاءِ معاملن ??ي تفصيلي آگاهه ڪيو ويو. اجلاس کي (سينٽرل ميڊيا لسٽ) ۾ موجود اخبارن جي تفصيلن کان پڻ آگاهه ڪيو ويو. اجلاس ۾ اصولي فيصلو ڪيو ويو ته ب??قا??دگي سان شايع ٿيندڙ اخبارن ۽ رسالن کي منصفاڻي ۽ شفاف طريقي سان اشتهار جاري ڪيا ويندا. اجلاس ۾ اشتهار رڳو ب??قا??دگي سان شايع ٿيندڙ اخبارن ۽ رسالن کي ئي جاري ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.