گلگت/اسلام آباد – 15 – جون (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي هاءِ اسڪول نمبر 1 گلگت ۾ ٻارن کي ٽيڪنالاجي سان متعارف ڪرائڻ جي سلسلي ۾ لڳايل ڪي??پ جو دورو ڪي??، صدر اسڪول جي شاگردن ۽ شاگردياڻين کي جديد ٽيڪنالاجي جهڙوڪ ڪمپيوٽر پروگرامنگ، ويب ڊولپمينٽ جي تربيت ڏيڻ جي ق??من جي واکاڻ ڪئي. ايوان صدر جي پريس ونگ مان جاري بيان موجب گلگت ۾ ڪي??پ جي دوري دوران صدر کي ٽيڪنالاجي ڪي??پ ۾ فراهم ڪي?? سه??لتن جي باري ۾ ٻڌايو ويو، شروعاتي طور تي 30 سرڪاري اسڪولن جي 1500 شاگردن ۽ شاگردياڻين کي بنيادي ٽيڪنالاجي ۾ تربيت ڏني ويندي، ايندڙ مرحلي ۾ ان اهم پروگرام کي 130 سرڪاري اسڪولن تائين سگهه ڏني ويندي، صدر انفارميشن ٽيڪنالاجي جي مهارت حاصل ڪندڙ شاگردن جي حوصلا افزائي ڪئي، هن گلگت ۾ ٽيڪنالاجي بوٽ ڪي??پ جو باقاعده افتتاح به ڪي??.