اسلام آباد – 04 – جون (اي پي پي) اطلا??ات ۽ نشريات واري وفاقي و??ير مريم اورنگزيب چيو آهي ته وزيراعظم شهباز شريف لوڊشيڊنگ ۾ گهٽتائي جو هنگامي پلان 24 ڪلاڪن ۾ طلب ڪري و??تو آهي. توانائي، پيٽروليم ۽ خزاني جي و??يرن جي ڪميٽي کي و??يراعظم قابل عمل پلان پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته لوڊشيڊنگ ۾ آهستي آهستي گهٽتائي جي پلان تي موثر عملدرآمد ڪرائينداسين. وزيراعظم جي صدارت ۾ پنج ڪلاڪ ڊگهي جاري رهندڙ اجلاس ۾ سموري صورتحال جو تفصيلي جائزو ورتو ويو، هن چيو ته ملڪ ۾ توانائي جي مج??وعي صورتحال تي و??يراعظم کي تفصيل سان آگاهه ڪيو ويو، صنعت ۽ گهريلو صارفين کي بجلي جي فراهمي ۾ ايندڙ رڪاوٽن تي بريفنگ ڏني و??ي، مريم اورنگزيب چيو ته وزيراعظم لاڳاپيل وزيرن کي صنعت ۽ گهريلو صارفين کي بجلي جي فراهمي ۾ توازن آڻڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته اهڙو پلان جوڙيو جنهن سان عوام کي لوڊشيڊنگ ۾ گهٽتائي پاڻ محسوس ٿئي.