اسلام آباد – 13 – مئي (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي هائير ايجوڪيشن ڪميشن (ايڇ اي سي) تي زور ڏنو آهي ته مارڪيٽ ۾ وڌيڪ تعليم يافته ۽ هنرمند پيشيور ماڻهن جي ضرورت کي نظر ۾ رکندي ايسوسيئيٽ ڊگري پروگرام متعارف ڪرائڻ ۽ ان جو تعداد وڌائڻ لاءِ يونيورسٽين جي حوصلا افزائي ڪئي وڃي، فيصله ساز تيزي سان بدلجندڙ عالمي مارڪيٽ جي ضرورتن کي پوري طرح سمجهڻ ۾ سستي جو مظاهرو ڪري رهيا آهن، ايڇ اي سي کي اهڙي اهم معاملي تي تيزي سان فيصله سازي کي يقيني بڻائڻ گهرجي. هو ايوان صدر ۾ غلام اسحاق خان ا??سٽ??ٽيوٽ آف انجنيئرنگ سائنسز اينڊ ٽيڪنالاجي (جي آءِ ڪي آءِ) ٽو پي بابت بريفنگ اجلاس جي صدارت ڪري رهيو هو. اجلاس ۾ غلام اسحاق خان ا??سٽ??ٽيوٽ آف انجنيئرنگ سائنسز اينڊ ٽيڪنالاجي جي ريڪٽر پروفيسر ڊاڪٽر فضل اي خالد، سوسائيٽي فار پروموشن آف انجنيئرنگ سائنسز اينڊ ٽيڪنالاجي جي ايگزيڪيٽو ڊائريڪٽر شڪيل دراني، غلام اسحاق خان ا??سٽ??ٽيوٽ آف انجنيئرنگ سائنسز اينڊ ٽيڪنالاجي جي سينئر مينيجمينٽ جي ??يمبرن، هائير ايجوڪيشن ڪميشن ۽ تعليم واري وفاقي وزارت جي عملدار?? شرڪت ڪئي. اجلاس کي خطاب ڪندي صدر اعليٰ تعليم تائين پهچ کي وڌائڻ ۽ اعليٰ تعليم يافته ۽ پيشيور گريجوئيٽ پيدا ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو، هن مارڪيٽ جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ لاءِ يونيورسٽين ۽ صنعتي شعبي جي ??چ ۾ تعاون وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. هن چيو ته يونيورسٽين کي پنهنجي گريجوئيٽس کي مهارت فراهم ڪرڻ لاءِ سکڻ جي آن لائن ۽ هائبرڊ طريقن کي متعارف ڪرائڻ ۽ فروغ ڏيڻ جي ضرورت آهي، ريڪٽر غلام اسحاق خان ا??سٽ??ٽيوٽ آف انجنيئرنگ سائنسز اينڊ تيڪنالاجي اجلاس کي يونيورسٽي پاران تعليم جي ??روغ لاءِ کنيل مختلف نون قدمن جي باري ۾ آگاهه ڪيو، هن ٻڌايو ته غلام اسحاق خان ا??سٽ??ٽيوٽ آف انجنيئرنگ سائنسز اينڊ ٽيڪنالاجي گريجوئيٽس جو تعداد وڌائڻ لاءِ هڪ جامع آن لائن تعليمي نظام متعارف ڪرائي ??هيو آهي، وڌيڪ اهو ادارو تعليمي سال 23 -2022ع ڪمپيوٽر سائنس ۽ سائبر سيڪيورٽي ۾ نوان پروگرام پيش ڪندو، ان کانسواءِ مصنوعي ڏاهپ، ڊيٽا سائنس ۽ سول انجنيئرنگ ۾ ايم ايس ۽ پي ايڇ ڊي پروگرام متعارف ڪرايا ويندا. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته غلام اسحاق خان ا??سٽ??ٽيوٽ آف انجنيئرنگ سائنسز اينڊ ٽيڪنالاجي تعليم جي ??عيار کي وڌائڻ کانسواءِ ملڪ ۾ تحقيق ۽ ترقي کي فروغ ڏيڻ لاءِ مقامي ۽ عالمي ادارن سان گڏ تحقيقي تعاون ۽ عالمي رابطن کي فروغ ڏئي ??هيو آهي، اجلاس کي مستقبل جي ??روگرامن سان گڏوگڏ يونيورسٽي جي انفراسٽرڪچر جي ترقي ۽ اپ گريڊيشن جي ??نصوبن جي باري ۾ به بريفنگ ڏني وئي.