ڪوئيٽا – 23 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف سان بلوچستان جي وڏي وزير مير عبدالقدوس بزنجو ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم جي هڪ ڏينهن جي ڪوئيٽا جي دوري جي موقعي تي ۾ وڏي وزير وزيراعظم کي صوبي ۾ انتظامي معاملن ۽ امن امان جي صورتحال تي تفصيلي طور تي آگاهه ڪيو. وڏي وزير وزيراعظم کي بلوچستان ۾ مهانگائي تي ضابطو آڻ?? جي لاءِ کنيل ??دمن جي حوالي سان پڻ آگاهه ڪيو. وزيراعظم رمضان المبارڪ ۾ ضرورت جي شين جي مقرر ڪي?? اگهن تي فراهمي کي يقيني بڻائ?? جي هدايت ڪئي.