اسلام آباد – 26 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ڪماليه جي دوري ۾ ڪماليه يونيورسٽي سمي?? مختلف منصوبن جي پ??ڙه?? جو پٿ?? رکيو. وزيراعظم عمران خان ڪماليه، ضلعو ٽوبه ٽيڪ سنگهه جو هڪ ڏينهن جو دورو ڪيو. ڪماليه ۾ وزيراعظم راوي درياءَ تي پل جي تعمير جو افتتاح ڪيو. فتيانه پل ڪماليه ۾ روانگي واپار ۽ زرعي جنسن جي ملز تائين پهچ جي مسئلن جو خاتمو آڻيندي. ان کانسواءِ وزيراعظم ڪماليه يونيورسٽي جي پ??ڙه?? جو پٿ?? کڻ رکيو. 2.5 ارب رپين جي لاڳت سان تعمير ٿيندڙ ڪماليه يونيورسٽي جي تعمير ٻن مرحلن ۾ ٿيندي. 45 ايڪڙ تي ٻڌل ڪماليه يونيورسٽي علائقي جي نوجوانن کي عالمي معيار جي تعليم ۽ پيشيواراڻي تربيت سان ليس ڪندي. يونيورسٽي جي تعمير سان علائقي جي نوجوانن کي روزگار جا موقعا حاصل ڪر?? ۽ قومي ڌارا ۾ شامل ٿي ملڪي ترقي ۾ پنهنجو اهم ۽ موثر ڪردار ادا ڪر?? ۾ مدد ملندي.