اسلام آباد – 21 R11; مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل، دفاع واري وزير پرويز خٽڪ ۽ بحري معاملن واري وزير سيد علي حيدر زيدي سان گڏ سنڌ سان تعلق رکندڙ قومي اسميبلي جي ميمبرن ملاقات ڪئي، وزيراعظم ميڊيا آفيس پاران جاري بيان موجب ملاق??ت ۾ قومي اسيمبلي جي ميمبرن آفتاب صديقي، سيف الرحمان، عطاءُ الله، اڪرم چيما، فهيم خان، ا??لم خان، عالمگير خان، عبدالشڪور شاد، ڪيپٽن جميل، آفتاب جهانگير، صائمه نديم ۽ نصرت وحيد به موجود هئي. وزيراعظم جي خصوصي مددگار ملڪ محمد عامر ڊوگر به ملاق??ت ۾ موجود هو. ملاق??ت ۾ وزيراعظم عمران خان جي قيادت تي مڪمل اعتماد ??و اظهار ڪيو، ڪراچي ۾ جاري وفاقي حڪومت پاران ترقياتي منصوبن تي به ڳالهه ٻولهه ٿي.