اسلام آباد – 08 فيبروري (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر جي دعوت تي برٽس هاءِ ڪمشنر ڪرسچئين ٽرنر چشمه رائيٽ بئنڪ ??ين??ل تربيلا جو دورو ڪيو، قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر سان گڏ صوبائي اسيمبلي ميمبر عاقب الله خان، ڪورٽ چيئرمين چوڌري اختر، واپڊا چيئرمين ۽ قومي اسيمبلي جي اعليٰ آفيسرن ??رط??نوي هاءِ ڪمشنر جو تربيلا ۾ استقبال ڪيو. ??رط??نوي هاءِ ڪمشنر ۽ قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر جي وچ ۾ ملاقات ٿي جنهن ۾ ??رط??نيه ۽ پاڪستان جي وچ ۾ ٻطرفي لاڳاپن سميت گڏيل دلچسپي جي ٻين معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر چيو ته منهنجو برٽش ڪائونسل پاڪستان سان پراڻو تعلق آهي، پاڪستان ??رط??نيه سان پنهنجي دوستاڻي لاڳاپن کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جوخواهشمند آهي، موجوده حڪومت برٽس ڪائونسل جي تعاون سان پاڪستان ۾ مختلف شعبن ۾ جاري منصوبن کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿي، قومي اسيمبلي جي اسپيڪر چيو ته موجوده حڪومت تعليم يافته انفرادي قوت پيدا ڪري عالمي مارڪيٽ ۾ پاڪستان جي سڃاڻپ کي بهتر بڻائڻ لاءِ پرعزم آهي، برٽس ڪائونسل پاران فني، پيشيوراڻي تعليم ۽ ٻين تعليمي شعبن ۾ تعاون واکاڻ جوڳو آهي، حڪومت پاڪستان تعليمي شعبي ۾ ??رط??نيه پاران تعاون کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿي. اسپيڪر اسد قيصر چشمه رائيٽ بئنڪ منصوبي جي باري ۾ برٽس هاءِ ڪمشنر کي آگاهه ڪيو، ملاقات کانپوءِ ??رط??نوي هاءِ ڪمشنر ۽ قومي اسيمبلي جي اسپيڪر واپڊا گيسٽ هائوس تربيلا ۾ ٻوٽو لڳائي وڻڪاري مهم ۾ حصو ورتو. ان موقعي تي بريفنگ ۾ ??رط??نوي هاءِ ڪمشنر کي ٻڌايو ويو ته تربيلا ۾ وڻڪاري مهم ۾ 15000 ٻوٽا پوکڻ جو منصوبو آهي، ??رط??نوي هاءِ ڪمشنر موجوده حڪومت جي عوام دوست ما??ول لاءِ کنيل قدمن جي واکاڻ ڪئي، ان موقعي تي اسپيڪر پاران ??رط??نوي هاءِ ڪمشنر جي اعزاز ۾ مانجهاندو به ڏنو ويو. ان کانپوءِ واپڊا ڪالوني تربيلا ۾ واپڊا چيئرمين ليفٽننٽ جنرل (ر) مزمل حسين تربيلا ڊيم تي ??رط??نوي هاءِ ڪمشنر ۽ اسپيڪر اسد قيصر کي بريفنگ ڏني.