لاهور – 04 فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي پاڪستان جي روانگي واپار کي وڌائڻ لاءِ عالمي سطح تي پاڪستاني ڪپڙن، گارمنٽس، آرٽس ۽ هٿ جي هنرن سميت مل?? جي ثقافتي ورثي کي فروغ ڏيڻ لاءِ هڪ جامع حڪمت عملي تيار ڪرڻ تي زور ڏنو آهي ۽ چيو آهي ته لاڳاپيل صنع?? جي اسٽيڪ هولڊرز جي وچ ۾ تعاون ۽ هم آهنگي قائم ڪرڻ جي ضرورت آهي. پاڪستان جي فيشن انڊسٽري کي ان جي ڀرپور صلاحيتن موجب ترقي ڏيڻ سان گڏوگڏ مقامي فيشن برانڊز جي عالمي منڊين تائين پهچ کي بهتر بڻائڻ لاءِ اڪيڊمي انڊسٽري رابطن کي فروغ ڏنو وڃي. صدر اهڙن خيالن جو اظهار گورنر هائوس لاهور ۾ عالمي فيشن ۽ گارمينٽس انڊسٽري ۾ پاڪستان جي اميج جي فروغ جي حوالي سان لاهور جي فيشن ڊزائينرز سان ملاقات دوران ڪيو، ان موقعي تي اجلاس ۾ ڊائريڪٽر جنرل TDAP پنجاب شهزاد احمد خان، سرپرست اعليٰ آل پاڪستان ٽيڪسٽا??يل ملز ايسوسيئيشن گوهر اعجاز، وائيس چانسلر پاڪستان انسٽيٽيوٽ آف فيشن اينڊ ڊزائين لاهور پروفيسر حنا طيبه ۽ حڪوم?? جي اعليٰ عملدارن به شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ مقامي گارمنٽس ۽ فيشن انڊسٽري کي ترقي ڏيڻ ۽ ٽيڪسٽا??يل ۽ ثقافتي مصنوعا?? جي ذريعي پاڪستان جي مثبت ساک کي پيش ڪرڻ جي لاءِ مختلف تجويزن تي غور ڪيو ويو، مقامي ۽ عالمي گارمينٽس برانڊز جي وچ ۾ تعاون ۽ رابطن کي فروغ ڏيڻ، عالمي ادائيگي جي طريقيڪار بابت مسئلن کي حل ڪرڻ، ڪاروبار ڪرڻ ۾ آساني کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ ۽ مقامي برانڊز کي پ??هن??ي مصنوعا?? جي ٻاهرين ملڪ مارڪيٽ ۾ نمائش جي لاءِ سهولت فراهم ڪرڻ تي زور ڏنو، اجلاس کي خطاب ڪندي صدر چيو ته پاڪستان جي ٽيڪسٽا??يل ۽ گارمينٽس جي شعبي ۾ بي پناهه صلاحيت موجود آهي، جنهن کي مل?? جي روانگي واپار وڌائڻ جي لاءِ وڌيڪ ترقي ڏيڻ جي ضرورت آهي، هن مل?? جي روانگي واپار ۾ اضافي جي لاءِ ٽيڪسٽا??يل مصنوعات لاءِ نئين منڊين جي ڳولا جي ضرورت تي زور ڏنو. صدر چيو ته ڪاروبار ڪرڻ ۾ آساني کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ ۽ روانگي واپار ڪندڙن کي مل?? جي اقتصادي ترقي ۾ پ??هن??و ڪردار ادا ڪرڻ ۾ سهولت فراهم ڪرڻ لاءِ قدم کنيا پيا وڃن. صدر شرڪت ڪندڙن کي پ??هن??ي تعاون جي خاطري ڪرائي ۽ دبئي ايڪسپو 2020ع ۾ پاڪستاني پويلين کي تيار ڪرڻ ۾ انهن جي ڪوششن کي ساراهيو.