اسلام آباد – 13 جنوري (اي پي پي) پاڪستان لائن آف ڪنٽرول (ايل او سي) جي هُن پار نام نهاد ”لانچ پيڊز“ ۽ ??ٽر??نگ“ ڪيمپن جي موجودگي بابت ڀارتي آرمي چيف جي ڪوڙن تبصرن کي رد ڪري ڇڏيو آهي ۽ چيو آهي ته ڀارتي جنرل جي ??ي بنياد الزامن ۾ ڪا به نئين ڳالهه نه آهي ڇو ته اهو پاڪستان جي ??لاف پروپيگنڊا جو هڪ حصو آهي جيڪو ڀارت ۾ بي جي پي ۽ آر ايس ايس ڳٺ جوڙ جي ??ريعي هلايو پيو وڃي. ڀارتي حڪومت پنهنجي ويڙهاڪ ۽ توسيع پسنداڻي ايجنڊا ”اکنڊڀارت“ جي گمراهه ڪن تصور تي عمل پيرا آهي، جيڪو علائقائي امن لاءِ سنگين خطرو آهي، ترجمان چيو ته ڀارتي آرمي چيف هندستان جي ??ياستي دهشتگردي ۽ انساني حقن جي ??نگين خلاف ورزين تان عالمي ڌيان هٽائڻ جي هڪ ناڪام ڪوشش ڪئي آهي، جيڪا والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ بنا روڪ ٽوڪ جي ??اري آهي. پاڪستان ڀارت کان مطالبو ڪيو آهي ته هو فوري طور تي والاريل ڪشمير ۾ پنهنجا ظلم ۽ ستم کي روڪي ، ڪشميرن تي ظلم ۽ ستم کي ترڪ ڪري ۽ کين گڏيل قومن جي ??لامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن تح?? ۽ ان جي ڪيل و??عد?? موجب حق خوداراديت کي استعمال ڪرڻ جو حق ڏي، ترجمان چيو ته پاڪستان ڄمون ۽ ڪشمير سميت سمورا حل طلب تڪرارن جي پرامن حل لاءِ ڀارت سان بامعنيٰ ڳالهين جي لاءِ پرعزم آهيون، تنهن هوندي به اها ذميداري ڀارت تي آهي ته هو ڳالهين جي لاءِ سازگار ماحول پيدا ڪري.