اسلا?? آباد – 23 ڊسمبر (اي پي پي) ينگ پارليامينٽريز فورم جي چونڊ پارليامينٽ هائوس ۾ ڊپٽي اسپيڪر قومي اسيمبلي ق??ئم خان سوري جي آفيس ۾ منعقد ٿيو، چونڊ عمل صبح 11 وڳي کان شام 5 وڳي تائين جاري رهيو، ايم اين اي مخدوم زين حسين قريشي، رومينه خورشيد عالم، سيد مرتضيٰ محمود، سيده نوشين افتخار واءِ پي ايف بو??ڊ جا ترتيبوار بنا مقابلي صدر، نائب صدر، جوائنٽ سيڪريٽري ۽ خزانچي چونڊجي ويا. ايم اين اي ڪنول شوزب ۽ عظميٰ رياض واءِ پي ايف بو??ڊ جي جنرل سيڪريٽري جي عهدي، جڏهن ته ايم اين اي شاندانه گلزار خان ۽ ايم اين اي تاشقين صفدر ميڊيا ڪوآرڊينيٽر جي عهدي لاءِ آمهون سامهون هيون، قومي اسيمبلي جي ڊپٽي اسپيڪر قاسم خان سوري چونڊ نتيجن جو اعلان ڪيو جنهن موجب ايم اين اي ڪنول شوزب 62 ووٽ کڻي واءِ پي ايف بو??ڊ جي جنرل سيڪريٽري چونڊجي وئي ۽ سندس مقابلي ۾ عظميٰ رياض 30 ووٽ ??اص?? ڪيا، ايم اين اي تاشقين صفدر 54 ووٽ کڻي ميڊيا ڪوآرڊينيٽر چونڊجي وئي ۽ سندس مقابلي ۾ شاندانه گلزار خان 38 ووٽ ??اص?? ڪيا، اسپيڪر اسد قيصر ۽ ڊپٽي اسپيڪر قاسم خان سوري واءِ پي ايف بو??ڊ جي نون چونڊيل عهديدارن کي مبارڪباد ڏيندي چيو ته واءِ پي ايف بو??ڊ جي نون چونڊيل عهديدارن جي چونڊ عهديدارن تي ميمبرن جي اعتماد جو ثبوت آهي، هنن ان اميد جو به اظهار ڪيو ته نوان چونڊيل عهديدار ينگ پارليامينٽرينز فورم کي وڌيڪ متحرڪ ۽ فعال بڻائيندا، اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر نون چونڊيل عهديدارن کي انهن جي ذميدارين جي سرانجامي لاءِ پنهنجي ۽ قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ جي مڪمل تعاون جي خاطري ڪرائي. ان موقعي تي ڊپٽي اسپيڪر واءِ پي ايف بو??ڊ جي ا??اد?? ۽ مقصدن کان آگاهه ڪندي ٻڌايو ته هي فورم 2003ع ۾ ق??ئم ڪيو ويو ۽ 2013ع ۾ ان جي نئين سر جوڙجڪ ڪئي وئي، هن چيو ته کان آگاهه ڪندي ٻڌايو ته هي فورم 2003ع ۾ ق??ئم ڪيو ويو ۽ 2013ع ۾ ان جي نئين سر جوڙجڪ ڪئي وئي، هن چيو ته YPF بڻائڻ جو مقصد ينگ پارليامينٽرين جي صلاحيت ۾ اضافو ڪرڻ آهي ته جيئن هو پنهنجون ذميداريون بهترين طريقي سان انجام ڏئي سگهن، هن چيو ته YPF جي اليڪشن هر ٻن سالن کانپوءِ منعقد ڪئي ويندي آهي ۽ موجوده اسيمبلي جي دور ۾ اهو ٻيو اليڪشن آهي جيڪو اڄ منعقد ڪيو ويو آهي، هن چيو ته چونڊن ۾ سمورين پارٽين سان تعلق رکندڙ ميمبرن ۽ سينيٽرن حصو ورتو ۽ اجلاس نه هجڻ جي باوجود 92 ميمبرن ووٽنگ ۾ حصو ورتو.