اسلام آباد – 13 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات ??اري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته ڪنٽونمنٽ چونڊن ۾ عوام وزيراعظم عمران خان تي ڀرپ??ر اعتماد جو اظهار ڪيو آهي، هڪ دفعو ٻيهر پي ٽي آءِ سڀ کان وڌيڪ سيٽن سان سر فهرست رهي، پي ٽي آءِ واحد قومي پارٽي جي طور تي اڀري سامهون آئي جنهن سمورن صوبن ۾ نمائندگي حاصل ڪئي آهي. سومر ڏينهن پنهنجي ٽوئيٽ ۾ مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته مسلم لي?? (ن) ۽ پيپلزپارٽي سڪڙجي علائقائي پارٽيون بڻجي چڪيون آهن، بلوچستان ۾ مسلم لي?? (ن) هڪ به سيٽ نه کٽي سگهي. سنڌ ۾ مسلم لي?? (ن) جو پنجون نمبر رهيو، پيپلزپارٽي پنجاب ۽ بلوچستان ۾ هڪ به سيٽ حاصل نه ڪر?? سگهي.