اسلام آباد – 31 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پرامن ۽ مس??حڪم افعانستان پاڪستان ۽ خطي جي لاءِ انتها??ي اهميت رکندڙ آهي، افغانستان م سيڪيورٽي صورتحال جي بهتري، انساني ضرورتن ۽ اقتصادي استحڪام کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ عالمي برادري پاران هنگامي بنيادن تي قدمن جي ضرورت آهي. اهي ڳالهيون هن پاڪستان جي دوري تي ايل ??رمن پرڏيهي وزير بائڪو ماس سان ڳالهائيندي ڪيون جنهن وزيراعظم هائوس ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات دوران افغانستان جي صورتحال ۽ پاڪ جرمن ٻطرفن لاڳاپن جي حوالي سان معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئ??. و??يراعظم ان ڳالهه تي زور ڏنو ته پرامن ۽ مس??حڪم افغانستان پاڪستان ۽ خطي جي لاءِ انتها??ي اهميت رکندڙ آه??. و??يراعظم چيو ته افغانستان جي تاريخ جي ان اهم لمحن ۾ عالمي برادري جي لاءِ ضروري آهي ته اها افغان عوام سان يڪجهتي ۽ تعاون ڪري. ان مقصد کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ افغانستان سان پائيدار رابطن جي ضرورت آه??. و??يراعظم عمران خان چيو ته پاڪستان ۽ جرمني کي علائقا??ي امن ۽ استحڪام بابت گڏيل مفادن کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ گهرجي. جرمن پرڏيهي وزير بائڪو ماس وزيراعظم عمران خان کي جرمن چانسلر انجيلا مارڪل پاران نيڪ خواهشن جو پيغام پهچايو ۽ افغانستان ۾ صورتحال بابت جرمني جي موقف کان آگاهه ڪيو. بائيڪو ماس افغانستان مان جرمن شهرين جي انخلا ۾ تعاون تي پاڪستان جا ٿورا مڃيا. پرڏيهي وزير بائيڪو ماس هلندڙ سال دوران پاڪستان جرمن سفارتي لاڳاپن جي سترهين سالگرهه جي حوالي سان تقريبن کي پڻ اجاگر ڪيو.