اسلام آباد – 28 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته آئون م??ال??ن کي ٻڌائڻ چاهيان ٿو ته اسان ڌانڌلي ناهيون ڪندا، نيوٽرل ايمپائر وسيلي کٽڻ وارو آهيان، اسان وڏي مشڪل وقت مان نڪري ??يا آهيون، هاڻي بهترين وقت اچي رهيو آهي، م??ال?? اقتصادي واڌ جي شرح تي حيران آهن، صنعتي زونز جي قيام سان ملڪي روانگي اوپار ۾ اضافو ٿيندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن رشڪئي ترجيحي خصوصي اڪنامڪ ز??ن جي ڪمرشل لانچ جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم عمران خان چيو ته اڄ نه رڳو خيبرپختونخوا پر پاڪستان لاءِ به خوش آئنده ڏينهن آهي، صنعت سازي کانسواءِ دولت جي پيداوار ۾ اضافو نه آهي، رشڪئي اڪنامڪ ز??ن سي پيڪ جو حصو آهي، وزيراعظم چيو ته چين دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ تيزي سان ترقي ڪندڙ ملڪ آهي، مغرب جي صنعتي ترقي ??راڻي ڳالهه آهي، اسان کي چين جي صنعتي ترقي ??ان سکڻ جي ضرورت آهي، هن خيبرپختونخوا جي وڏي وزير کي هدايت ڪئي ته زون جون زمينون وڪرو نه ڪيون وڃن پر ليز تي صنعتڪارن کي ڏنيون وڃن ته جيئن صنعتون قائم ٿين، بجاءِ ان جي ته زمينن جو خريد ۽ وڪرو ٿئي ۽ ليز به گهٽ رکو ته جيئن صنعتڪار هتي صنعتون قائم ڪري ??گهن، وزيراعظم چيو ته هتي اهڙيون صنعتون لڳنديون جنهن سان روانگي واپار وڌي. وزيراعظم چيو ته جيستائين اسان روانگي واپار نه وڌائينداسين ته دولت جي پيداوار ۾ اضافو نه ٿيندو، رڳو اناج ۽ گله وڪرو ڪري ??سان ترقي ??ٿا ڪري ??گهون، چين جهڙي طرح صنعت کي ترقي ڏني ۽ روانگي واپار وڌائڻ جي لاءِ اڪنامڪ ز??ن ٺاهيا اسان کي به ٺاهڻا پوندا، بدقسمتي سان ماضي ۾ روانگي واپار وڌائڻ تي ڌيان نه ڏنو ويو ۽ پاڪستان کي سيڙپڪار دوست ملڪ نه بڻايو ويو. رشڪئي اڪنامڪ ز??ن جي قيام سان روانگي واپار ۾ اضافو ٿيندو هن وڏي وزير کي هدايت ڪئي ته سيڙپڪارن جي لاءِ آسانيون پيدا ڪري، ون ونڊو آپريشن هجڻ گهرجي، حڪومت جو ڪم سيڙپڪارن جي لاءِ آسانيون پيدا ڪرڻ آهي، وزيراعظم چيو ته چين جون صنعتون هاڻي اهڙن ملڪن ۾ منتقل ٿي رهيون آهن جتي لاڳت گهٽ ايندي آهي، اسان چيني سيڙپڪارن کي پاڪستان آڻڻ جا خواهشمند آهيون. اسان ٻاهرين ملڪ پنهنجي سيڙپڪارن کي به ترغيب ڏينداسين جيڪي بنگلاديش، دبئي، ملائيشيا ۽ ٻين ملڪن ۾ فيڪٽريون لڳائيندا آهن ته هتي ڇو نٿا لڳائين.