اسلام آباد ??? 30 اپريل (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي چي?? آهي ته قومي ترقي جي عظيم جدوجهد ۾ اسان جي جوان پورهيتن جو ڪردار بنيادي اهميت رکندڙ آهي، پا??ست??ن انهن سمورن سنهري اصولن تي عمل پيرا آهي جنهن ۾ مزدورن ??ي حقن جي فراهمي ۽ تحفظ رياست جو آئين فراهم ڪري ٿو. مزدورن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ سينيٽ چيئرمين چيو ته پا??ست??ن سميت سڄي دنيا ۾ پهرين مئي پورهيتن ??ي حقن جي تحفظ جي علامت طور ملهايو ويندو آهي، ان ڏينهن اهو وچن ورجايو ويندو آهي ته پورهيت قومي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ پنهنجي ذميداري پوري نيڪ نيتي ۽ ايمانداري سان ادا ڪندو. محمد صادق سنجراڻي چيو ته رياست ۾ هر سطح تي پورهيت ??ي حقن جي ادائيگي يقيني بڻائي ويندي، پا??ست??ن ۾ جلد مزدور ڪلاس جو معيار بهتر ٿي ويندو ان لاءِ هڪ مستقبل لائحه عمل اختيار ڪرڻ جي ضرورت آهي، سينيٽ چيئرمين چيو ته هنرمند ۽ غير هنرمند مزدورن جي گهٽ کان گهٽ معاوضي ۾ اضافو ڪري پورهيتن جي معيار کي بهتر ڪري سگهجي ٿو.