اسلام آباد – 08 اپريل (اي پي پي) وفاقي زر??ي ڪميٽي (ايف سي اي) جو اجلاس غذائي تحفظ ۽ تحقيق واري وفاقي وزير سيد فخر امام جي صدارت ۾ منعقد ٿيو، ٿيندڙ اجلاس ۾ ربيع جي مند 21 -2020ع جي فصلن جو جائزو ۽ ربيع جي فصلن جا هدف مقر?? ڪيا ويا. ربيع جي فصلن جي جائزي دوران ٻڌايو ويو ته هلندڙ مند 21 -2020ع دوران ??ڻڪ جي پيداوار جو ڪاٿو 26.04 ملين ٽن آهي جيڪو گذريل سال جي ڀيٽ ۾ 1.7 سيڪڙو وڌيڪ آهي، مجموعي طور تي 9.191 ملين، هيڪٽرز زمين تي ڪڻڪ پوکي وئي، ايف سي اي ??ي ٻڌايو ويو ته هلندڙ مند 21 -2020ع دوران پٽاٽي جي پيداوار جو ڪاٿو 5742.7 هزار ٽن آهي جڏهن ته 226.1 هزار هيڪٽرز تي پٽاٽو پوکيو ويو آهي، هلندڙ مند دوران پٽاٽي جي پيداوار ۽ گذريل سال جي مقابلي ۾ 829.7 سيڪڙو وڌيڪ آهي، اجلاس ۾ ٻين ضروري جنسن چڻن، دالين، بصر، ٽماٽي جي پيداوار جو به جائزو ورتو ويو، اجلاس ۾ ايندڙ مند خريف 22 -2021ع جي فصلن جا هدف مقر?? ڪيا ويا، خريف دوران ??پهه جي پيداوار جو هدف 10.5 ملين ڳٺڙيون مقر?? ڪيو ويو جڏهن ته 2.33 ملين هيڪٽرز تي ڪپهه جي پوک ڪئي ويندي، چانور جي پيداوار جو هدف 3.07 ملين مقر?? ڪيو ويو، اجلاس دوران ٻين فصلن مڪئي، مڱ، ماش، مرچن جا هدف به مقر?? ڪيا ويا، ايندڙ مند 22 -2021ع دوران ??مند جي پيداوار جو هدف 74.84 ملين ٽن مقر?? ڪيو ويو جڏهن ته 1.18 ملين هيڪٽرز رقبي تي ڪمند پوکي ويندي، خريف جي مند 22 -2021ع دوران زر??ي شين جي صورتحال جو به جائزو ورتو ويو.