اسلام ??باد – 08 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پاڪستان کي مديني جي رياست جي طرز تي اسلامي فلاحي رياست بڻائڻ جي لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهيون، بدعنواني ملڪ جي لاءِ سڀ کان وڏو ڪينسر آهي، قانون جي بالادستي کانسواءِ ڪو معاشرو ترقي نه ٿو ڪري سگهي، ملڪ جا اربين رپيا چوري ڪندڙ اين آر او چاهين ٿا، ڪيترن ئي غريب ۽ اسرندڙ ملڪن جي پسماندگي جو س??ب انهن جي قيادت جو بدعنوان هجڻ آهي، اولهه ملڪ اسلامي فلاحي نظام ??و اصول اختيار ڪري اڳتي نڪري ويا آهن، اظهار جي آزادي جو اهو مطلب نه آهي ته مذهبي نفرت کي هوا ڏني وڃي، اولهه کي باور ڪرائڻو پوندو ته انتهاپسندي ۽ دهشتگردي جو اسلام ??ان ڪو تعلق نه آهي، عالم سڳورن کي اتحاد ۽ ٻڌيءَ ۽ ملڪ کي پنهنجي اصل رستي تي واپس آڻڻ جي لاءِ پنهنجو ڪردار اد?? ڪرڻو پوندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن عالم سڳورا ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. ڪانفرنس کي مذهبي معاملن واري وفاقي وزير پير نورالحق قادري ۽ عيدگاهه شريف جي سجاده نشين پير حسان حسيب الرح??ان پڻ خطاب ڪيو. وزيراعظم عمران خان چيو ته پاڪستان قائم ڪرڻ ۾ عالم سڳورن جو تمام ??هم ڪردار رهيو آهي، عالم سڳورن باباءِ قوم سان گڏجي پاڪستان قائم ڪرڻ جي لاءِ ڀرپور ڪردار اد?? ڪيو، قائداعظم پاڪستان کي اسلامي فلاحي رياست ماڊل طور بڻائڻ چاهيندو ٿو، اڄ به پاڪستان کي رول ماڊل بڻائڻ جي لاءِ عالم سڳورن جو تمام ??هم ڪردار آهي، دنيا جي تاريخ ۾ پاڪستان واحد ملڪ آهي جيڪو اسلام ??ي نالي تي ٺهيو، علامه اقبال به پاڪستان کي هڪ اهڙو ملڪ ڏسڻ چاهيندو هو جيڪو سڄي دنيا جي لاءِ رول ماڊل بڻي، عظيم مسل??ان اسڪالر محمد عبده پڻ سوا سئو س??ل اڳ اولهه کان مصر واپس آيو ته هن اتي ٻڌايو ته اولهه ۾ مسل??ان ته نه هئا پر اسلام ??مام گهڻو ڏٺو جڏهن ته مصر ۾ مسل??ان ته تمام گهڻا آهن پر اسلام نه آهي، ماضي ۾ مسلمانن جي ڪردار کي ڏسي ماڻهو اسلام قبول ڪندا هئا پر بدقسمتي اسان ان شيءَ کان تمام گهڻو پري نڪري وياسين، پاڪستان کي اسان کي هڪ اهڙو ملڪ ٺاهڻو هو جنهن کي ڏسي دنيا متاثر ٿئي، عالم سڳورن کي ملڪ کي پنهنجي اصل رستي تي واپس آڻڻ جي لاءِ پنهنجو ڪردار اد?? ڪرڻو پوندو. وزيراعظم عمران خان چيو ته اولهه ۾ دهشتگردي کي اسلام ??ان ڳنڍي اسلامي دهشتگردي ۽ اسلامي انتهاپسندي جي اصطلاح استعمال ڪئي وڃي ٿي، افسوس ان ڳالهه جو آهي ته گذريل 20 سالن ۾ مسل??ان ملڪن پاران ان تي ردعمل ڏسڻ ۾ نه آيو، گڏيل قومن ۽ او آءِ سي جهڙا پليٽ فارم موجود آهن جتي مسل??ان ليڊرن کي اهو ٻڌائڻ گهرجي ها ته دهشتگردي جو اسلام ??ان ڪو تعلق نه آهي، دين ۽ دهشتگردي جو پاڻ ۾ ڪو تعلق نه آهي، اولهه ۾ ڪڏهن مسل??ان ليڊرن پاران ان جي وضاحت نه ڪئي وئي.