اسلام آباد – 08 جون (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ڪورونا وائرس کان بچاءُ جي لاءِ احتياطي تدبيرن تي سختي سان عمل جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته ايس ا?? پيز تي عملدرآمد سان ??ائرس جو ڦهلاءُ گهٽ ڪري سگهجي ٿو، ملڪ ۾ جولاءِ جي آخر ۽ آگسٽ جي شروع ۾ وبا جو دٻاءُ بلند ترين سطح تي هوندو، ڪورونا کان بچڻ جي لاءِ گهر مان ??اسڪ پائي نڪرو، بي احتياطي بزرگن ۽ ٻين ما??هن جي زندگي خطري ۾ وجهي سگهي ٿي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪورونا وبا بابت ڳالهائيندي ڪيو. وزيراعظم چيو ته لاڪ ڊائون دوران ??لڪ ۾ مشڪل صورتحال کي منهن ڏيڻ?? پيو، ڏهاڙي تي ڪم ڪندڙ مزدور طبقو مشڪل وقت مان گذري رهيو آهي. هن چيو ته لاڪ ڊائون جو مطلب ڪورونا وائرس جي ڦهلاءُ ۾ گهٽتائي آهي، لاڪ ڊائون سان ڪورونا ڪڏهن به ختم نه ٿيندو، آمريڪا ۾ ان ??با سان ??ڪ لک ما??هو مارجي ويا آهن جڏهن ته انهن لاڪ ڊائون ختم ڪري ڇڏيو، امير ملڪ به ان ??تيجي تي پهتا آهن ته لاڪ ڊائون مسئلي جو حل نه آهي. هن چيو ته حڪومت پاران جا??ي ڪيل ايس ا?? پيز تي عملدرآمد سان ئي وائرس جو ڦهلاءُ گهٽ ڪري سگهجي ٿو، ماسڪ پائڻ سان ??ائرس جي ڦهلاءُ ۾ 50 سيڪڙو گهٽتائي اچي ٿي.