اسلام آباد – 15 مئي (اي پي پي) هوابازي واري وفاقي وزير غل??م سرور خان چيو آهي ته ڪورونا وائرس جي وبا جي ڪري پي آءِ ا?? جو هر مهيني خسارو 5 ارب رپين تائين پهچي ويو آهي، بيشڪ مون سميت پوري ڪابينا جو احتساب ڪيو وڃي جڏهن ته انهن ماڻهن جو به احتساب ٿيڻ گهرجي جن ٽي ٽي ڀيرا وزيراعظم ۽ 6، 6 ڀيرا وزارتن ۾ رهي هن غريب ملڪ کي نقصان پهچايو، نيب جاچ جي آجيان ڪند?? ۽ ??اهيان ٿو ته منهنجي 1970ع کان 2020ع تائين سمورن اثاثن جا تفصيل ايوان ۾ پيش ڪيا وڃن. قومي اسيمبلي ۾ ڪورونا وائرس وبا جي موجوده صورتحال تي بحث ۾ حصو وٺندي هوابازي واري وفاقي وزير غل??م سرور خان چيو ته پوري دنيا ڪورونا وبا جو شڪ??ر آهي ۽ هر ملڪ ۾ ايوي اي??ن آپريشن معطل ٿيو. پاڪستان ۾ به اها صورتحال درپيش آئي.