اسلام آباد – 16 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان خوراڪ جي تحفظ ۽ تحقيق واري وفاقي وزير کي هدايت ڪئي آهي ته موجوده صورتحال خاص طور تي رمضان م??يني کي نظر ۾ رکندي ڪڻڪ ۽ ٻين ضرورت جي شين جي طلب ۽ پهچ تي گهري نظر رکي وڃي ته جيئن وقت سر فيصلا ڪري سگهجن ۽ ملڪ جي ڪنهن به حصي ۾ خوراڪ جي کوٽ نه ٿئي. اهڙن خيالن جو اظ??ار هن خوراڪ جي تحفظ ۽ تحقيق واري وفاقي وزير سيد فخر امام سان م????قا?? دوران ڪيو. مل??قا?? ۾ ڪڻڪ جي اسمگلنگ جي روڪٿام، مڪڙن جي خاتمي جي حوالي سان قدمن ۽ ايندڙ سال معياري ڪڻڪ جي پيداو??ر حاصل ڪرڻ جي لاءِ بهتر ٻج جي استعمال ج?? حوالي سان تجويزن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.