اسلام آباد – 05 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم جي موسمياتي تبديلي واري صلاحڪار ملڪ امين اسلم چيو آهي ته پاڪستان گلوبل وارمنگ ۾ ٽرانسپورٽ جي مقدار کي نظر ۾ رکندي ان ج?? تدارڪ جي لاءِ اليڪٽرڪ وهيڪل پاليسي جوڙي ڇڏي آهي جنهن ج?? ڪابينا منظوري ڏئي ڇڏي آهي، ان سان نه رڳو ماحولياتي آلودگي جي خاتمي ۾ مدد ملندي پر عوام کي سستي ٽرانسپورٽ جي سهولت ملندي، فيول جي مد ۾ ٿيندڙ خرچن ۾ گه??تائين ايندي، مٽاسٽا جي ناڻي جي بچت ٿيندي، نئين صنعت کي فروغ ملندو، ملڪ ۾ 3 هزار کان وڌيڪ بند پيل سي اين ج?? اسٽيشنن کي اليڪٽرڪ وهيڪل چ??رجنگ اسٽيشنن ۾ تبديل ڪنداسين. پي آءِ ڊي ۾ وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خصوصي معاون ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ سان گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو.