اسلام آباد – 22 – جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عا??ف علوي زندگي جي هر شعبي ۾ انجنيئرنگ جي مهارت جي اهميت تي زور ڏيندي قوم کي پائيدار ترقي ۽ خوشحالي طرف گامزن ڪرڻ جي لاءِ انجنيئرنگ برادري جي مسلسل حمايت ۽ انه?? جي خدمت?? جي اعتراف جي ضرورت تي زور ڏنو آهي. ايوان صدر ۾ منعقد ”پي اي سي انجنيئرز ايڪسي لينس ايوارڊ 2022ع“ جي عنوان سان منعقد تقريب کي خطاب ڪندي صدر چيو ته پاڪستاني انجنيئرز ماضي ۾ نار ملڪ?? جي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. هن چيو ته پاڪستان کي پائيدار ترقي کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ مختلف شعبن ۾ وڌيڪ انجنيئرز جي ضرورت آهي. صدر چيو ته پاڪستان ساليانو رڳو 25 هزار انجنيئرز پيدا ڪري ٿو جيڪو ملڪ جي ضرورت جي لاءِ ڪافي نه آهي، انهن مان هڪ وڏو حصو گريجوئيشن کانپوءِ ٻاهرئين ملڪ هليو وڃي ٿو، ا?? جي ڀيٽ ۾ ڀارت هر سال 1.5 ملين کان وڌيڪ انجنيئرز پيدا ڪري ٿو. صدر ڊاڪٽر عا??ف علوي چيو ته انساني وسيلا ملڪ جي لاءِ هڪ وڏو چئلينج رهيو آهي جهڙوڪ صحت جهڙن ٻين شعبن ۾ ملڪ کي وڌيڪ انساني وسيل?? جي ضرورت آهي، ملڪ ۾ 9 لک نرس?? جي ضرورت آهي جڏهن ته ا?? جي ڀيٽ ۾ رڳو ڏيڍ لک ڪم ڪندڙ نرسون موجود آهن. هن ان ڳالهه تي افسوس جو اظهار ڪيو ته هن وقت ملڪ ۾ اٽڪل 26 ملين ٻار اسڪولن کان ٻاهر آه?? جيڪي مستقبل ۾ معاشري جي لاءِ هڪ وڏو بار بڻجي ويندا. هن چيو ته چئلينجز جي باوجود ملڪ جو انفارميشن ٽيڪنالاجي جو شعبو سٺي ڪارڪردگي ڏيکاري رهيو آهي جيڪو ان حقيقت مان ظاهر آهي ته 22 لک کان وڌيڪ فري لانسرز پنهنجي روزي کانسواءِ ملڪ جي لاءِ پرڏيهي ناڻو ڪمائي رهيا آهن. هن چيو ته انجنيئرز جو انگ وڌائڻ ۽ اسڪول کان ٻاهر ٻارن کي تعليم ڏيڻ جي لاءِ حڪومت کي وڏن وسيل?? جي ضرورت آهي. هن چيو ته ٽيڪس جي نظام ۾ سڌارا آڻي وسيلن جو انتظام ڪري سگهجي ٿو، ڪيترائي ڏهاڪا گذري چڪا آهن ته ڪيترائي مالياتي ادارا بشمول عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف)، ورلڊ بئنڪ ۽ ٻا پاڪستان کي دولتمندن تي ٽيڪس لڳائڻ جي سفارش ڪري رهيا آهن، پاليسيون ٺاهڻ جي باوجود اسان ملڪ جي اشرافيه کي انهن جو واجب الادا ٽيڪس ادا ڪرڻ تي مجبور نه ڪري سگهياسين. صدر چيو ته رڳو لفظ معنيٰ نه ٿا رکن، اسان کي عملي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته ملڪ جي جي ڊي پي ۾ ٽيڪس جو حصو تمام گهٽ يعني اٽڪل 9 سيڪڙو آهي جنهن کي وڌائڻ جي ضرورت آهي. صدر ڊاڪٽر عا??ف علوي چيو ته دنيا خوراڪ ۽ وسيل?? جي فراواني طرف وڌي رهي آهي جڏهن ته اسان اڃا تائين وسيل?? جي کوٽ جو شڪار آهيون، پائيدار ترقي جي هدفن کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ اسان کي هر شعبي ۾ چيمپيئنز جي ضرورت آهي. غزه ۾ فلسطينين تي ڪيل ظلمن جو ذڪر ڪندي صدر دنيا ۾ امن برقرار رکڻ جي لاءِ سمورن معاشرن ۾ اخلاقيات کي اختيار ڪرڻ تي زور ڏنو. هن چيو ته جنگيون عالمي چئلينجن کي وڌيڪ پيچيده ڪري ڇڏينديون، انهن مُشڪلات?? جي ڪري امير امير تر جڏهن ته غريب غريب تر ٿيندا پيا وڃن. ان کان اڳ صدر ڊاڪٽر عا??ف علوي پاڪستا?? جي انجنيئرز کي ملڪي ترقي ۾ انه?? جي خدمت?? جي اعتراف ۾ مختلف ڪيٽيگريز ۾ ايوارڊز سان نوازيو. پاڪستان انجنيئرنگ ڪائونسل جي چيئرمين محمد نجيب هارون چيو ته ڪائونسل هر سال عمده ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندڙ انجنيئرز کي انه?? جي ڪوششن ۽ ملڪي ترقي ۾ حصيدارن جو اعتراف ڪرڻ جي لاءِ ايوارڊ ڏي ٿي. هن چيو ته انجنيئرز دفاعي پيداوار، نيوڪليئر ٽيڪنالاجي، پاڻي ۽ بجلي، ريلوي، رستن، مواصلات، زراعت، ٽيلي ڪميونيڪشن، مينوفيڪچرنگ، ڪيميڪل ۽ پيٽرو ڪيمڪل انڊسٽري سميت ڪيترن ئي شعبن ۾ شاندار خدمتون سرانجام ڏنيون. هن ٻڌايو ته پي اي سي تاريخي سنگ ميل پڻ حاصل ڪيا آهن ۽ سمورن لاڳاپيل عالمي پروفيشنل فورمز تي صحيحون ڪندڙ ۽ ميمبر طور پاڪستا?? جي نمائندگي ڪئي آهي. هن چيو ته پي اي سي هاڻي انهن پيشيواراڻي فورمز ۾ شامل ٿيڻ جي لاءِ سعودي عرب، نائجيريا، ڪينيا، ميانمار ۽ وچ ايشيائي جمهوريه جهڙن ملڪ?? جي لاءِ بطور سرپرست ۽ جائزو وٺڻ وارو پنهنجو پيشيواراڻو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي.