اسلام آباد – 21 – نومبر (اي پي پي) نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني چيو آهي ته پاڪستان سدائين کان فلسطين مسئلي جي ٻه رياستي حل جو حامي آهي، ايوان صدر مان فلسطين بابت جاري ٿيندڙ صدر جي بيان تي پرڏيهي وزارت پاران وضاحت ڪئي وئي هئي. سينيٽ جي اجلاس ?? صدر جي فلسطين جي صدر سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه کانپوءِ ايوان صدر پاران جاري ٿيندڙ بيان بابت سينيٽر ميان رضا رباني جي اعتراض واري نقطي جي جواب ۾ نگران پرڏيهي وزير جليل عباسي جيلاني چيو ته ايوان صدر مان صدر جو جيڪو بيان جاري ڪيو ويو ان ۾ پرڏيهي وزارت کان ڪا راءِ نه ورتي وئي هُئي، صدر هڪ رياستي حل جي ڪهڙي تناظر ۾ ڳالهه ڪئي ان جي مون کي خبر نه آهي، ڇو ته پاڪستان جو سدائين ٻه رياستي حل جو موقف رهيو آهي جنهن جو بنياد 1967ع جي سرحد، گڏ??ل قومن جي قرارداد 242 ۽ او آءِ سي جُون قراردادون آهن. جڏهن صدر جو بيان جاري ٿيو ته اسان کي به هڪ وضاحت ??اري ڪرڻي پئي ۽ اها وضاحت ??سان او آءِ سي سيڪريٽريٽ ۽ گڏ??ل قومن سميت لاڳاپيل ادارن کي پڻ موڪلي، ان وضاحت کي نه ر??و ملڪي پر غيرملڪي ميڊيا ۾ پڻ اجاگر ڪيو ويو.