اسلام آباد – 01 – نومبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ غزه ۾ شهرين جي خلاف وڌندڙ اسرائيلي ڏاڍ ۽ جارحيت جي شديد مذمت ڪندي چيو آهي ته اهڙي ط??ح جي مذمت جوڳي ڪاررواين کي ڪڏهن به معاف يا نظرانداز نٿو سگهجي، فلسطيني عوام جي قتل عام کي بند ڪرائڻ جي لاءِ دنيا کي هاڻي عملي قدم کڻڻ گهرجن. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ نگران وزيراعظم چيو ته گذريل ڏينهن ج??اليه ڪئمپ تي فضائي حملو غزه ۾ جاري اسرائيلي ڏاڍ ۽ جنگي ڏوهن جو واضح مثال آهي جتي عورتن ۽ ٻارن سميت سوين ماڻهو فوت ٿي ويا ??هن. هن چيو ته اهڙي ط??ح جي مذمت جوڳي ڪاررواين کي ڪڏهن به معاف يا نظرانداز نه ٿو ڪري سگهجي، ان قتل عام کي بند ڪرائڻ جي لاءِ دنيا کي هاڻي عمل ڪرڻ گهرجي.