اسلام آباد – 12 – آڪٽوبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آه?? ته والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جو تڪرار ڏکڻ ايشيا ۾ ڇ??تاڻ جو مُنڍ آه??، پاڪستان گڏيل قومن جي قراردادن موجب ڪشمير تڪرار جي منصفاڻي ۽ پرامن حل جي ل??ءِ پرعزم آه??، سڄي دنيا ۾ خاص طور تي هندوتوا جي شڪل ۾ اسلامو فوبيا عالمي امن ۽ سلامتي جي ل??ءِ هڪ سنگين خطرو آه??. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ سان او آءِ سي جي سيڪريٽري جنرل جي ڄمون ۽ ڪشمير بابت خصوصي ايلچي يوسف ايم الدوبي ملاقات ڪئي. نگران وزيراعظم او آءِ سي جي وفد جي پاڪستان ۽ آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي دوري جي آجيان ڪئي. هن ڪشمير ڪاز جي حمايت ۾ او آءِ سي جي مسلسل ڪوششن کي خاص طور تي 5 آگسٽ 2019ع جي ڀارت جي هڪطرفي ۽ غيرقانوني قدمن جي ڏس ۾ ??ار??هيندي چيو ته پاڪستان ۽ ڪشمير جي عوام کي او آءِ سي مان تمام گهڻيون اميدون آه??. نگران وزيراعظم چيو ته والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جو تڪرار ڏکڻ ايشيا ۾ ڇ??تاڻ جي پاڙ آه??، ان جي حل سان ئي خطي ۾ امن قائم رهي سگهي ٿو. هن چيو ته پاڪستان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب ڪشمير تڪرار جي منصفاڻي ۽ پرامن حل جي ل??ءِ پرعزم آه??. پنهنجي خودمختياري جي حق حاصل ڪرڻ جي ل??ءِ ڀارتي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام جي زبردست قربانين کي اجاگر ڪندي نگران وزيراعظم چيو ته ڪشميرين حمايت جي ل??ءِ سدائين او آءِ سي ۽ مسلمان امت طرف ڏٺو آه??. نگران وزيراعظم سڄي دنيا ۾ خاص طور تي هندوتوا جي شڪل ۾ اسلامو فوبيا جي عروج تي پڻ شديد ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو ته اهو عالمي امن ۽ سلامتي جي ل??ءِ هڪ سنگين خطرو آه??، انهن قوتن جو مقابلو ڪرڻ جي ل??ءِ ڪوششون تيز ڪرڻ جي ضرورت آه??. يوسف ايم الدوبي نگران وزيراعظم کي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي تڪرار تي او آءِ سي جي اصولي موقف جي خاطري ڪرائيندي چيو ته او آءِ سي ڪشمير ڪاز جي ل??ءِ پوري طرح پرعزم آه?? ۽ او آءِ سي جي خصوصي ايلچي جي حيثيت سان والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي ل??ءِ سندس پاڪستان ۽ آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جو دورو انهي ??زم جو اظهار ڪيو.