اسلام آباد – 07 –جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف حوالدار لا??ڪ جان شهيد (نشان حيدر) کي سندس 24 هين شهادت جي ڏهاڙي تي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو ته لا??ڪ جان شهيد ڪارگل جي جنگ ۾ پنهنجي بي مثال جرئت ۽ بهادري سان دشمن جو مقابلو ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم شهباز شريف چيو ته لا??ڪ جان شهيد ڪارگل جنگ ۾ بي مثال جرئت ۽ بهادري سان دشمن جو مقابلو ڪيو. ناردرن لائٽ انفرنٽري جي ان جانباز مجاهد انتهائي مشڪل حالتن ۾ ملڪ جو دفاع ڪندي شهادت ماڻي. هن چيو ته قوم پنهنجي شهيدن ۽ انهن جي عظيم قربانين کي سلام پيش ڪر?? ٿي. شهيد ۽ غازي اسان جو تاج آهن ۽ ملڪ ۽ قوم جي سلامتي جو فولادي دي??ار آهن. وزيراعظم شهيد جي در??ن جي بلندي ۽ ان جي گهرڀاتين جي لاءِ صبر جي دعا ڪئي.