اسلام آباد – 06 –جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف تورغر – بونير رستي، بونير – ڪراڪڙ رابطا سرنگهه ۽ تورغر – بونير آر – سي – سي پل جي پيڙهه جو پٿر رکيو. وزيراعظم محمد شهباز شريف خيبرپختونخواهه جي ضلعي تورغر جو دورو ڪيو. وزيراعظم کي ضلعي تورغر ۾ مختلف ترقياتي ??نص??بن بابت بريفنگ ڏني وئي. وزيراعظم تورغر – بونير رستي، بونير – ڪراڪڙ رابطا سرنگهه ۽ تورغر – بونير آر – سي – سي پل جي پيڙهه جو پٿر رکيو. وزيراعظم محمد شهباز شريف سان گڏ ان موقعي تي مقامي قبائلي اڳواڻن ۽ صلاحڪارن ملاقات ڪئي. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب، وزيراعظم جو صلاحڪار انجنيئر امير مقام ۽ ڪيپٽن (ر) صفدر پڻ ان موقعي تي موجود هئا. اڳواڻن سان ڳالهائيندي وزيراعظم چيو ??ه ضلعي تورغر ۾ روڊ، پلين ۽ ٻين ??نص??بن جي پيڙهه جو پٿر رکڻ سان ضلعي تورغر ۾ ترقي جو نئون دور شروع ٿيندو. هن چيو ته اڳوڻي وزيراعظم محمد نواز شريف پنهنجي دور ۾ هتي تاريخي ??نص??با شروع ڪيا. گذريل حڪومت انهن ??نص??بن کي سردخاني ۾ وجهي ڇڏيو. نواز شريف جي ??نص??بن کي اڳتي وڌايو ويندو. بجيٽ ۾ انهن ??نص??بن جي لاءِ رقم رکي وئي آهي. وفاقي حڪومت ??نص??بن کي مڪمل ڪرڻ جي لاءِ ??نص??بي جي معاونت ڪندي. وزيراعظم کي بونير ۾ به مختلف ترقياتي ??نص??بن بابت بريفنگ ڏني وئي. وزيراعظم محمد شهباز شريف هدايت ڪئي ته بونير ۽ تورغر جي ترقياتي ??نص??بن تي ڪم جي رفتار تيز ڪئي وڃي ۽ انهن کي ترجيحي بنيادن تي مڪمل ڪيو وڃي. انهن ??نص??بن تي ڏينهن رات ڪم ڪيو وڃي ۽ معيار ۽ شفافيت تي ڪو به ٺاهه نه ڪيو وڃي.