باڪو – 15 – جون (اي پي پي) وزيراعظ?? محمد شهباز شريف باڪو ۾ اجاري شهر (قديم باڪو شهر) جو د??رو ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم پنهنجي ??ذر??ائيجان جي سرڪاري دوري جي موقعي تي اجاري شهر ۾ مختلف تاريخي عمارتن ۽ ميوزيم جو د??رو ڪيو. وزيراعظم کي اجاري شهر ۾ قديم ملتان ڪاروان سرائي جو پڻ دورو ڪرايو ويو، جتي قديم شاهراهه ريشم تي سفر ڪندڙ واپاري قافلا گذرندا هئا. وزيراعظم کي ميوزيم ۾ قديم نوادرات پڻ ??يک??ريون ويون.