اسلام آباد – 12 – جون (اي پ?? پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته حڪومت انفارميشن ٽيڪنالاجي، زراعت، سولرائيزيشن ۽ نوجوانن جي ترقي تي خاص ڌيان ڏئي رهي آهي، بجيٽ 24 – 2023ع حڪومتي ترجيحن جي عڪاسي ڪري ??و، اقتصادي پاڻڀرائيپ حاصل ڪرڻ حڪومت جو بنيادي مقصد آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته ماهر بجيٽ 24 – 2023ع جي مختلف رخن جي ??وا??ي سان پنهنجي راءِ ۽ تجزيا پيش ڪري رهيا آهن، اهڙي صورت ۾ آئون بجيٽ ۾ حڪومت جي واڌويجهه جي شرح وڌائڻ جي ??وا??ي سان تجويز ڪيل خصوصي قدمن کي اجاگر ڪرڻ چاهينديس. هن چيو ته انفارميشن ٽيڪنالاجي، زراعت، شمسي توانائي تي منتقلي، نوجوانن جي ترقي ۽ ٻين شعبن جي ترقي جي لاءِ قدم تمام غور ??ڪر کانپوءِ تجويز ڪيا ويا آهن ۽ انهن جو مقصد هوشيار نوجوانن ۾ جدت پيدا ڪرڻ، ڪاروبار جي حوصلا افزائي ڪرڻ، زراعت جي پ??داوار وڌائڻ ۽ زرعي صنعت ۾ سيڙپڪاري کي فروغ ڏيڻ آهي. وزيراعظم چيو ته ان سان گڏوگڏ حڪومت توانائي حاصل ڪرڻ جي سستي ذريعن ۽ شمسي توانائي تي منتقلي جي لاءِ ڪم ڪري رهي آهي، سستي توانائي اقتصادي ترقي ۽ عوام کي ريليف ڏيڻ جي لاءِ انتهائي اهميت رکندڙ آهي. هن چيو ته روس کان خام تيل حاصل ڪرڻ به انرجي سيڪيورٽي پ??ان جو حصو آهي. وزيراعظم چيو ته داخلي ۽ عالمي حالتن جي ڪري پ??دا ٿيندڙ رڪاوٽن جي باوجود بجيٽ 24 – 2023ع ان صورتحال کي منهن ڏيڻ ۽ اڳتي وڌڻ جو رستو فراهم ڪري ??و. وزيراعظم چيو ته اهڙي صورت ۾ جڏهن ته معيشت ٻاهرئين صورتحال کان متاثر آهي، حڪومت اقتصادي پاڻڀرائپ تي ڌيان ڏئي رهي آهي.