اسلام آباد – 24 – اپريل (اي پي پي) گهرو ويڙهه جي شڪار سوڊان مان پ??ڪستانين جي محفوظ انخلا جي عم?? جي شروعات ٿي وئي. پرڏيهي آفيس موجب 500 پاڪستانين تي ٻڌل پهريون قافلو خرطوم مان نڪري سوڊان جي بندرگاهه پهچي ويو آهي جيڪو سامونڊي رستي ذريعي جده ويندو. جده مان پ??ڪستان انٽرنيشنل ايئر لائين ۽ پاڪ فضائيه جي معاونت سان پ??ڪستانين کي وطن واپس آندو ويندو. پرڏيهي وزير بلاول ڀ??و زرداري جي هدايت تي ڦاٿل پاڪستانين جي عارضي رهائش ۽ خوراڪ جا انتظام پڻ ڪيا ويا آهن. پرڏيهي وزير بلاول ڀ??و زرداري جي هدايت تي سوڊان ۾ پاڪستاني سفارتخاني ۾ هنگامي رابطي جي لاءِ هيلپ لائين پڻ قائم ڪئي وئي آهي. پرڏيهي وزير جي هدايت تي پاڪستاني سفارتخان?? جا عم??دار ڦاٿل پاڪستانين سان مسلسل رابطي ۾ آهن. بلاول ڀ??و زرداري لاڳاپيل عم??دارن کي سوڊان مان پ??ڪستانين جي انخلا جي عم?? کي فوري طور تي محفوظ طور تي سرانجام ڏيڻ جي هدايت ڪئي آهي. پرڏيهي وزير پاڪستانين جي محفوظ انخلا کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ پرڏيهي وزارت ۾ ڪرائيسز مئنيجمينٽ سيل کي متحرڪ ڪري ڇڏيو آهي. بلاول ڀ??و زرداري کي سوڊان ۾ ڦاٿل پاڪستانين جي حفاظت سان واپسي بابت پرڏيهي وزارت جي عم??دارن پ??ران روزانو بريفنگ ڏني پئي وڃي. پرڏيهي وزير سوڊان مان پ??ڪستانين جي انخلا کي ممڪن بڻائڻ جي آپريشن ۾ حصو وٺندڙن کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي. گهرو ويڙهه جي شڪار سوڊان ۾ سوين پ??ڪستانين جي انخلا جي معاملي تي پرڏيهي وزير بلاول ڀ??و زرداري عيد جي ڏينهن ۾ متحرڪ رهيو. بلاول ڀ??و زرداري سوڊان مان پ??ڪستانين جي حفاظت سان انخلا جي حوالي سان سعودي عرب ۾ پنهنجي هم منصب سان پڻ رابطي ۾ رهيو. پرڏيهي آفيس موجب پرڏيهي وزير سوڊان مان پ??ڪستانين جي حفاظت سان انخلا جي حوالي سان مدد تي ترڪيه ۽ مصر جي حڪومتن جا پڻ ٿورا مڃيا.