اسلام آباد – 18 – اپريل (اي پي پي) خاتون اول بيگ?? ثمينه عارف ع??وي ??يو آهي ته ايس او ايس چلڊرن وليج جهڙن ادارن ۾ اچي انسان وڌيڪ پرسڪون ٿي وڃي ٿو، هتي باقاعده گهر، ماءُ ۽ ٻار جو ماحول ڏنو ويو آهي. هو ايس او ايس چلڊرن وليج ۾ رهائش رکندڙ ٻارن ۽ ٻارڙين سان افطاري جي موقعي تي خطاب ڪري رهي هئي. خاتون اول بيگ?? ثمينه عارف ع??وي ??يو ته منهنجي لاءِ هي انتهائي خوشي جو موقعو آهي ته آئون انهن ٻارن سان افطاري ڪري رهي آ??يا??. هن ٻارن کي ڪاميابي جون دعائون ڏيندي ??يو ته محنت ۽ لگن سان ڪاميابي سان اڳتي وڌون. هن ??يو ته ايس او ايس چلڊرن وليج هڪ ماڊل ادارو آهي جيڪو ان شعبي ۾ خدمتون سرانجام ڏيندڙن جي لاءِ مشعل راهه آهي. هن ??يو ته ان کان اڳ به هتي آئي آ??يا??، انهن ٻارن سان ويهڻ سان دلي سڪون ۽ راحت ملي ٿي. خاتون اول بيگ?? ثمينه عارف ع??وي ٻارن جي حوصلا افزائي جي لاءِ انهن جي ٽيبل تي وئي، خيريت معلوم ڪئي ۽ تعليمي سرگرمين بابت پڇيو. ايس او ايس چلڊرن وليج جي ٻارن ڪوويڊ 19 جي دوران خاتون اول بيگ?? ثمينه عارف ع??وي جي هتان جي دوري جو ذڪر ڪيو ته انهن ٻارن جي مٿي تي شفقت جو هٿ رکندي ??يو ته آئون سدائين هتي ايندي رهنديس. ايس او ايس چلڊرن وليج جي انچارج ميڊم فريحه ٻڌايو ته هتي 15 فيملي هومز آهن جتي 106 ٻار ۽ ٻارڙيون رهائش پذير آهن. هن ٻارن جي پرورش ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ تي فرينڊز آف ايس او ايس جا پڻ ٿورا مڃيا. هن ٻارن کي ٻڌايو ته عيدالفطر جي لاءِ خاتون اول سمورن ٻارن جي عيدي ڏني آهي.