اسلام آباد – 10 – فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي حادثن ۽ ان جي ن??يجي ۾ ٿيندڙ نقصانن کان ب??ڻ ج?? لاءِ قانونن تي عملدرآمد ک?? لازمي قرار ڏنو آهي. پنه??جي هڪ ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته توهان جو خيال ٿي سگهي ٿو ته ٽريفڪ حادثا ڪو اهم موضوع نه آهي پر جيڪڏهن اسان قانونن تي عمل نه ڪنداسين ته رستن تي موت جو شڪار ٿينداسين. صدر چيو ته سياست به ائين آهي، اسان جو آئين قاعدن جو مجموعو آهي. قانون ٽوڙيندڙن جي مفادن کي پورو ڪرڻ لاءِ بهانا ڪرڻ بدران پنهنجو پاڻ کي آئين جو پابند بڻائڻ گهرجي.