ڪراچي – 02 – فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته سستي توانائي پاڪستان جي ضرورت آهي، ڊيمز جي تعمير ۽ متبادل توانائي جي منصوبن جي مڪمل ٿيڻ سا?? ايندڙ ڪجهه سا??ن ۾ پاڪستان کي سستي توانائي حاصل ڪرڻ سا?? اربين ڊالرن جي بچت ٿيندي، سي پيڪ جو منصوبو ويجهي ماضي ۾ پنهنجي پيدا ڪيل مشڪلاتن جي ??ري تعطل جو شڪار ٿيو، سي پيڪ منصوبن ۽ چيني ڪمپنين سا?? حصيداري وڌائينداسين، جنهن سا?? ملڪ ۾ ترقي ۽ خوشحالي ايندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪي ٿري منصوبي جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم چيو ته سندس لاءِ ان منصوبي جو افتتاح ڪرڻ اعزاز جي ??الهه آهي، ان منصوبي سا?? ملڪ ۾ توانائي جون ضرورتون پوريون ڪرڻ ۾ مدد ملندي. هن چيو ته پاڪستان 27 بلين ڊالر جي پيٽروليم مصنوعات درآمد ڪري ٿو، جيڪو اسان جي لاءِ وڏي مالي مشڪلاتن جو سبب آهي، هن پلانٽ سا?? سستي توانائي حاصل ٿيندي، جيڪا پاڪستان جي وڏي ضرورت آهي. وزيراعظم چيو ته الله تعاليٰ پاڪستان کي اهڙا وسيلا مهيا ڪيا آهن ته اسان هائيڊل ۽ ٻين ذريعن سا?? سستي بجلي پيدا ڪري سگهون ٿا پر اسان ان سگهه کان گهٽ بجلي پيدا ڪري رهيا آهيون. وزيراعظم چيو ته ديامير ڀاشا ۽ داسو ڊيم تعمير هيٺ آهن، انهن جي آپريشنل ٿيڻ ۾ وڌيڪ 4، 5 سا?? لڳندا، پاڪستان سج ۽ هوا مان سستي بجلي حاصل ڪري سگهي ٿو، ايندڙ سا??ن ۾ متبادل توانائي جي منصوبن مان سستي بجلي حاصل ٿيندي. هن چيو ته ٿر ۾ الله تعاليٰ اسان کي تمام گهڻن قدرتي وسيلن سا?? نوازيو آهي، جيڪي اسان جي ايندڙ ڪيترن ئي سئو سا??ن جي ضرورت پوري ڪرڻ جي لاءِ ڪافي آهن ۽ ملڪ جي ترقي ۽ خوشحالي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا. حڪومت متبادل توانائي جي منصوبن تي ڪم اڳتي وڌائيندي ??ه جيئن پيٽروليم مصنوعات جي مد ۾ خرچ ٿيندڙ اربين ڊالر بچي سگهن. وزيراعظم چيو ته ڪي ٿري منصوبي کي نواز شريف جي دور ۾ حتمي شڪل ڏني وئي، اڄ اهو 1100 ميگاواٽ بجلي پيدا ڪري رهيو آهي، ان تي وڌيڪ ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي، ان سلسلي ۾ چيني دوستن سا?? ڳالهه ٻولهه ٿي رهي آهي. هن چيو ته پاڪستان ۾ تازي ٻوڏ سا?? وڏي پئماني تي تباهي ٿي ۽ 30 ارب ڊالر جو معاشي نقصان ٿيو، ان صورتحال ۾ اسان چيني دوستن مان اميد ڪريون ٿا ته اهي في يونٽ قيمت ۾ گهٽتائي ڪندا. وزيراعظم چيو ته چشما فائيو جو معاهدو به جلد ٿيندو. پاڪستان ۽ چين بهترين دوست ۽ ڀائر آهن، گذريل 75 سا??ن دوران اسان جي دوستي وقت جي هر آزمائش تي پورو لٿي آهي ۽ هر قسم جي حالتن ۾ چين پاڪستان جو سا?? ڏنو آهي. هن چيو ته 2015ع ۾ نواز شريف جي سربراهي ۾ سي پيڪ تحت اربين ڊالرن جي منصوبن تي صحيحون ٿيون، جنهن تحت اڄ هزارين ميگاواٽ بجلي پيدا ٿي رهي آهي، ملڪ ۾ سي پيڪ تحت ٻيا ڪيترائي منصوبا به جاري آهن. وزيراعظم چيو ته پاڪ چين دوستي هاڻي اڳئين مرحلي ۾ داخل ٿيندي. ويجهي ماضي ۾ سي پيڪ پنهنجي پيدا ڪيل مشڪلاتن سبب تعطل جو شڪار ٿيو. انڊسٽريل زونز ٺهڻا هئا جيڪي نه ٺهي سگهيا، هاڻي اسان جي ??رپور ڪوشش آهي ته انهن منصوبن کي اڳتي وڌايون، پشاور کان ڪراچي ريلوي جي ايم ايل ون منصوبي سا?? انقلاب ايندو. وزيراعظم پاڪستان اٽامڪ انرجي ??ميشن جي عملدارن، سائنسدانن، انجنيئرز ۽ اسٽاف کي منصوبي تي ڏينهن رات محنت ڪرڻ تي شاباس ڏني ۽ چيو ته اهي ڀرپور ساراهه جي لائق آهن. وزيراعظم چين سا?? حصيداري کي اهم قرار ڏيندي چيو ته وڌيڪ منصوبن جي شروعات ۽ پڄاڻي جي لاءِ چيني ڪمپنين سا?? معا??دا ڪيا ويندا. هن منصوبي تي ڪم ڪندڙ چيني ڪمپنين جي عهديدارن، انجنيئرز ۽ اسٽاف جا به ٿورا مڃيا ۽ دعوت ڏني ته گڏجي وڌيڪ منصوبن جي لاءِ اڳڀرائي ڪئي وڃي. بعد ۾ وزيراعظم ڪي ٿري آپريشنز روم جو دورو ڪيو، جتي کيس منصوبي جي حوالي سا?? بريفنگ ڏني وئي.