واشنگٽن – 24 آڪٽوبر (اي پي پي) آمريڪا ۾ پاڪستان جي سفير مسعود خان لکين ٻوڏ متاثرن لاءِ پيئڻ جي صاف پاڻي جي فوري فر??همي ??ي ضرورت تي زور ڀريو آهي، هن چيو ته پيئڻ جي صاف پاڻي جي گهٽتائي ۽ متاثر علائقن ۾ ٻوڏ وارو ??اڻي بيهڻ سبب پيدا ٿيندڙ بيماريون سان ٻوڏ متاثرن جي تڪليفن ۾ وڌيڪ اضافو ٿي رهيو آهي. هن نيسولر واٽر پلانٽس ذريعي پيڻ جي صاف پاڻي جي فر??همي لاءِ ڪم ڪندڙ آمريڪي فلاحي تنظيم هيومن نيسيسٽي فائونديشن (ايڇ اين ايف) طرفان فنڊ ريزنگ تقريب دوران چيو ته ٻوڏ متاثرن جي بحالي ۽ نئين سر تعمير لاءِ پاڪستان کي عالمي ??رادري جي فوري ۽ لاڳيتو مدد جي ضرورت آهي. هن تنظيم جي ڊائريڪٽر فوزيه قصوري ۽ ان جي ساٿين جي ڪوششن کي س??را??يندي چيو ته هو ٻوڏ متاثرن جي انتهائي بنيادي ضرورتن کي پورو ڪري رهيا آهن. هن چيو ته ماحولياتي تبديلي جو سبب بڻجندڙ ٻوڏ جي ڪري 3 ڪروڙ 30 لک متاثر ٿيا آهن جيڪي آمريڪي رياست ڪيليفورنيا جي آبادي کان به وڌيڪ آهن ۽ پاڪستان جي 95 هزار اسڪوائر ميل ايراضي ٻوڏ جي پاڻي ۾ ٻڏي وئي جيڪا آمريڪي رياست ڪولورادو جي علائقي کان به وڌيڪ آهي جنهن جي 66 لک ماڻهن کي فوري ڌيان جي مدد جي ضرورت آهي. هن پاڪستان ۾ ريسڪيو ۽ رليف آپريشن دوران وڏي پئماني تي سهڪار ڪرڻ تي گڏيل قومن، عالمي ??رادري ۽ آمريڪي حڪومت ۽ عوام جو ٿورو ??ڃيو ۽ متاثرن کي امداد فر??هم ڪرڻ تي پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستانين ??ي به س??را??يو. پاڪستاني سفير چيو ته هن وقت حقيقي چئلينج ٻوڏ متاثرن جو روزگار، بحالي ۽ تعمير آهي. جنهن لاءِ اسان کي پنهنجي دوست ملڪن، سرنديءَ وارن ۽ خاص طور تي پاڪستاني آمريڪي ڪميونٽي جي لاڳيتي مدد جي ضرورت آهي، جن هميشه مشڪل وقت ۾ اسان جي مدد ڪئي آهي.