اسلام آباد – 24 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته ايشيائي ترقياتي بئنڪ ترقي جي لاءِ اسان جي حصيدار آ??ي، بريس ??روگرام سماجي تحفظ جي لاءِ حڪومتي قدمن جي مدد ۽ ٻوڏ متاثر علائقن ۾ ريليف ۽ بحالي جي لاءِ اهم ڪردار ادا ڪندو. هو بريس ??روگرام تحت قرض جي فراهمي جي معاهدي تي صحيحن واري تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو. تقريب ۾ ناڻي و??رو وفاقي و??ير سينيٽر اسحاق ڊار، اقتصادي معاملن واري وفاقي و??ير سردار اياز صادق، اي ڊي بي جو وائيس ??ريزيڊنٽ ۽ ٻيا به شريڪ هئا. وزيراعظم چيو ته هن مشڪل وقت ۾ اي ڊي بي پاران تعاون تي ٿورا مڃون ٿا. ايشيائي ترقياتي بئنڪ ڪيترن ئي اهم پروگرامن جي شفافيت سان پڄاڻي لاءِ ڀرپور مدد ڪئي آهي ۽ ترقي جي لاءِ اسان جي حصيدار رهي آهي. بريس ??روگرام سماجي تحفظ جي لاءِ حڪومتي قدمن جي معاونت جي سلسلي ۾ به اهم ڪردار ادا ڪندو. وزيراعظم چيو ته هن مشڪل وقت ۾ پاڪستان جي مدد لاءِ هي اهم پروگرام اسان جي معيشت جي استحڪام ۽ مستقبل جي ضرورتن جي حوالي سان به ڪارائتو ثابت ٿيندو. ناڻي و??ري وفاقي و??ير سينيٽر اسحاق ڊار پروگرام کي جاري ڪرڻ تي اي ڊي بي جا ٿورا مڃيا ۽ چيو ته موجوده حڪومت وزيراعظم شهباز شريف جي قيادت ۾ انهن معاشي مسئلن ۽ چئلينجن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ ڪوششون ڪري رهي آ??ي، جيڪي اڳوڻي حڪومت پاران ورثي ۾ مليا آهن. ??لڪ کي ٻوڏ جي صورت ۾ هڪ قدرتي آفت درپيش آ??ي، ٻوڏ سان ٿيندڙ نقصانن جو ڪاٿو 32.4 ارب ڊالر کان وڌيڪ جو لڳايو ويو آ??ي، حڪومت اڪيلي ان مشڪل صورتحال کي منهن نه ٿي ڏئي سگ??ي، متاثرين ۾ 70 ارب رپين جي روڪ امداد جي و??ڇ جاري آهي. اقتصادي معاملن واري وفاقي و??ير سردار اياز صادق به پروگرام تي اي ڊي بي جا ٿورا مڃيا ۽ چيو ته وفاقي حڪومت صوبائي حڪومتن سان گڏجي ٻوڏ متاثرين جي مدد لاءِ ڀرپور قدم کڻي رهي آهي. ان موقعي تي اي ڊي بي جي و??ئيس ??ريزيڊنٽ چيو ته بريس ??روگرام 1.5 ارب ڊالر جو پروگرام آهي ۽ ٻوڏ متاثر علائقن ۾ متاثرين جي بحالي ۽ ريليف جي لاءِ اهم ڪردار ادا ڪندو.