اسلام آباد – 09 – سيپٽمبر (اي پي پي) ٻوڏ متاثرين جي مدد جي لاءِ پاڪستان ۽ گڏيل عرب امارات جي وچ ۾ انساني همدردي جي بنياد تي قائم فضائي رابطي جي تسلسل ۾ گڏيل عرب امارات مان ٽي امدادي اڏامون پاڪستان پهچي ويون. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب انهن مان هڪ اڏ??م جناح انٽرنيشنل ايئرپورٽ ڪراچي ۽ ٻه اڏامون نور خ??ن ايئربيس راولپنڊي پهتيون. گڏيل عرب امارات مان مجموعي طور تي 29 اڏامون خوراڪ، طبي سامان ۽ خيما وغيره کڻي پاڪستان پهتيون آ??ن. ترجمان چيو ته پاڪستان هن سنگين بحران جي گهڙيءَ ۾ حمايت ۽ يڪجهتي جو مظاهرو ڪرڻ ت?? گڏيل عرب امارات جي حڪومت ۽ عو??م جو ٿورائتو آهي.