اسلام آباد – 04 – جون (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي آئين جي آرٽيڪل 75 جي شق (1) (بي) تحت اليڪشن ترميمي بل 2022ع وزيراعظم کي پارليامينٽ ۽ ان جي ڪميٽي (ايس) پاران نظرثاني ۽ تفصيلي غور ويچار لاءِ واپس ڪري ڇڏيو آهي. ايوان صدر جي ??ريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر چيو ته اسلامي جمهوري پاڪستان جي آئين جي آرٽيڪل 46 جي خلاف ورزي ڪئي وئي آهي ڇو ته بل کي پارليامينٽ ۾ آڻڻ کان اڳ صدر کي ان قانونسازي جي تجويز کان آگاهه نه ڪيو ويو، اسلامي جمهوريه پاڪستان جي آئين جي آرٽيڪل 46 ۾ چيو ويو آهي ته وزيراعظم سموري قانونسازي جي تجويزن کان صدر کي باخبر رکندو جيڪي وفاقي حڪومت مجلس شوريٰ (پارليامينٽ) جي سامهون آڻڻ جو ارادو رکندي هجي. صدر چيو ته انهن ترميمن کي قومي اسيمبلي 26 مئي ۽ سينيٽ 27 مئي تي تڪڙ ۽ مناسب ڏاهپ کانسواءِ منظور ڪيو آهي. هن چيو ته معاش??ي تي ڏور ??س اثر مرتب ڪندڙ قانونسازي تي قانوني برادري ۽ سول سوسائيٽي جي ??شاورت سان تفصيل سان ڳالهه ڪرڻ گهربي هئي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته ٻاهرين ملڪ رهندڙ پاڪستاني ملڪ جي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ پنهنجي ??حنت جي ڪمائي جو حصو وجهندا آهن، ان حقيقت جي باوجود 1990ع کانپوءِ مختلف وزيراعظمن ۽ صدرن پاران ٻاهرين ملڪ دورن جي دوران انهن سان ڪيل واعدن جي باوجود کين ووٽ جي حق کان محروم رکيو ويو آهي، صدر چيو ته سپريم ڪورٽ آف پاڪستان 2018ع ۾ اوورسيز پاڪستانين جي راءِ حق بابت پنهنجي 2014 جي ??هرين فيصلي کي برقرار رکيو ۽ ان ڳالهه جو ورجاءُ ڪيو ته ٽيڪنالاجي کي بهتر بڻائڻ سان گڏ ٻاهرين ملڪ رهندڙ پاڪستانين کي پاڪستان کان ٻاهران ووٽ وجهڻ جي اجازت ڏيڻ جي ڪوشش ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته عدالت ان وقت آءِ ووٽنگ جي توثيق ڪئي هئي جڏهن آءِ ووٽنگ جي طريقيڪار کي ٽئين ڌر جي ذريعي محفوظ، معتبر ۽ قابل ڀروسو قرار ڏنو ويو هو جنهن کي ان کان اڳ اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان ۽ نادرا محفوظ ۽ قابل عمل هجڻ جو تعين ڪرڻ لاءِ ان کي موڪليو هو جنهن تي عدالت آءِ ووٽنگ کي هڪ پائليٽ پروجيڪٽ ۾ استعمال لاءِ منظور ڪيو. صدر چيو ته اليڪشن ڪميشن پاران 2018ع جي ضمني چونڊن جي ??روگرامن جي حوالي سان جاري ڪيل تاريخ2018/08/17 جي ??وٽيفڪيشن موجب 37 تڪن (قومي ۽ صوبائي) جي ضمني چونڊن 2018/10/14 تي ٿيڻيون هيون، جيتوڻيڪ بعد ۾ ضمني چونڊون (جيڪڏهن ڪي آهن) جهڙوڪ ايڪٽ سيڪشن 94 موجب پائليٽ پروجيڪٽس لاءِ چونڊون ڪرايون وينديون ته جيئن اوورسيز پاڪستانين کي پنهنجي راءِ جو حق استعما?? ڪرڻ جي ??ابلب ڻائي سگهجي جيڪو بنا شڪ جي کين ايندڙ عام چونڊن ۾ ووٽ ڏيڻ جو حقدار بڻائي ٿو. صدر سپريم ڪورٽ جي ??يصلي جو ذڪر ڪندي چيو ته سپريم ڪورٽ 2014ع ۾ پنهنجي ??يصلي باوجود سسٽم جي استعمال نه ٿيڻ تي افسوس جو اظهار ڪيو ڇو ته اوورسيز پاڪساتنين جي ??وٽ جو حق اسلامي جمهوريه پاڪستان جي 1973ع جي آئين جي آرٽيڪل 17 ۾ لکيل آهي. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته صدر کي قانونسازي جي جي تجويزن کان آگاهه نه ڪري آ.ئين جي آرٽيڪل 46 جي خلاف ورزي ڪئي وئي، جلد بازي ۾ 26 مئي تي قومي اسيمبلي ۽ 27 مئي تي سينيٽ مان منظور ٿيو، هن چيو ته معاش??ي تي ڏور ??س اثر مرتب ڪندڙ قانونسازي تي قانوني برادري ۽ سول سوسائيٽي جي ??شاورت سان تفصيل سان ڳالهه ڪرڻ گهربي هئي. هن چيو ته آئين جي آرٽيڪل 17 ۾ ٻاهرين ملڪ رهندڙ پاڪستانين کي ووٽ جو حق ڏنو ويو آهي، سڄي دنيا ۾ انٽرنيٽ جي ذريعي روزاني 8.5 ڊالر جي ??حفوظ ڏي وٺ ڪئي ويندي آهي، پاڪستان جي ??وٽنگ مشين ۾ پيپر ٽريل جو پورو سسٽم آهي، اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين بليٽ پيپر جي ??ڇائي ۽ ڳڻپ ۾ مدد ڏيندي آهي. صدر چيو ته اڪستان ۾ هر اليڪشن جا نتيجا چئلينج ڪيا ويندا آهن ۽ هر حڪومت تي الزام لڳندا آهن، نيون ترميمون هڪ قدم اڳتي وڃڻ ۽ گهٻرائي پوئتي ٿيڻ جي برابر آهن، ترميمون اليڪشن ۾ شفافيت ۽ بهتري آڻڻ جي ??يڪنيڪي عمل ۾ غير ضروري دير آڻڻ جي برابر آهن، هن سفارش ڪئي ته پارليامينٽ کي انهن قانونن تي پوئتي نه هٽڻ گهرجي، حقيقت ۾ ان تي عملدرآمد کي يقيني بڻائڻ لاءِ مقرر وقت تي ئي انهن ۾ بهتري آڻڻ گهرجي.