اسلام آباد – 02 – جون (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشري??ت واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب عمران خ??ن جي بيان جي سخت مذمت ڪندي چيو آهي ته عمران خ??ن جي تقرير نفرت تي ٻڌل آهي، جيڪا آئين ۽ ملڪ جي خلاف آهي، راءِ جو اظهار نه پر ملڪ کي ورها??ڻ ۽ خدا نه ڪري ٽڪرا ٽڪرا ڪرڻ جي ڳالهه ڪرڻ دشمن جي زبان آهي، عمران خ??ن جا بيان آئين جي خلاف آهن. پنهنجي هڪ بيان ۾ هن چيو ته عمران خ??ن جا بيان وفاق تي حملو آهن، وفاق تي حملي جو اعلان، ادارن جي تباهي ۽ ايٽمي پروگرام کسڻ جون ڳالهيون دشمن ڪندو آهي، هن چيو ته عمران خ??ن جي اهڙي تقرير ٽي وي تي نشر نه ٿيڻ گهرجي، اطلاع??ت واري وفاقي وزير چيو ته پاڪستان جا ٽڪرا ڪرڻ واري هر زبان ٽڪرا ٽڪرا ٿي ويندي، عمران خ??ن جي ملڪ جي خلاف بيانن تي قوم جو رد عمل روڪڻ ممڪن نه ٿيندو، ??ن چيو ته عمران صاحب نه فارن فنڊنگ تي ڳالهائي رهيو آهي، سچائي پاڻ سازش ڪرڻ وارن پنهنجي زبان سان ادا ڪئي آهي، مريم اورنگزيب چيو ته عمران خ??ن جا بيان آئين، ادارن، پاڪستاني فوج ۽ سپريم ڪورٽ تي حملو آهن. اقتدار نه رهي ته آئين، سپريم ڪورٽ، اليڪشن ڪميشن، وفاق تي حملو هڪ بيمار ذهن جي عڪاسي آهي.