اسلام آباد – 25 – اپريل (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر راجا پرويز اشرف پاڪستان انسٽيٽيوٽ آف پارلياماني سروسز جو دورو ڪيو. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر جو پ??پس بورڊ آف گورنر جي صدارت سنڀالڻ کانپوءِ اداري جو پ??ريون دورو هو. ان موقعي تي پيپس جي ايگزيڪيوٽو محمد انور اسپيڪر کي ادارو ق??ئم ڪرڻ جي مقصدن ۽ ان جي ڪارڪردگي بابت بريفنگ ڏني. اسپيڪر پيپس ۾ جديد پارلياماني علم جا ڪورسز متعارف ڪرائڻ کانسواءِ اداري جي ڪارڪردگي کي وڌيڪ فعال بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. ان موقعي تي قومي اسيمبلي جي اسپي??ر چيو ته عوام جي بهترين مفاد ۾ قانونسازي جي صلاحيتن کي وڌائڻ جي لاءِ نوجوان پارليامينٽرينز تي خاص ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي. اسپي??ر چيو ته پيپس کي پنهنجو پاڻ کي قانونسازي ۽ قانون نويسي جي شعبن ۾ هڪ جديد درسگاهه طور متعارف ڪرائڻ گهرجي. اسپيڪر پيپس جي مختلف آفيسن جو پڻ دورو ڪيو ۽ پيپس جي اسٽيٽ آف دي آرٽ بلڊنگ کي ساراهيو. هن ان اميد جو اظهار ڪيو ته مستقبل ۾ به هي ادارو پ??هنجا هدف مڪمل ڪرڻ جي لاءِ ڪ??شش??ن جاري رکندو.