اسلام آباد – 25 – مارچ (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي ڏکڻ پنجاب صوبي جي قيام لاءِ آئي??ي ترميمي بل قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر کي پيش ڪري ڇڏيو آهي. ڊپٽي اسپيڪر قاسم خان سوري به ان موقعي تي موجود هو. پرڏيهي وزير قومي اسيمبلي جي اسپيڪر کي درخواست ڪئي ته ان بل کي سومر تي منعقد ٿيندڙ قومي اسيمبلي جي اجلاس جي ايجنڊا ۾ شامل ڪيو وڃي. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر پرڏيهي وزير جي درخواست تي ان ڏکڻ پنجاب آئي??ي ترميمي بل کي سومر تي منعقد ٿيندڙ اجلاس جي ايجنڊا ۾ شامل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. پرڏيهي وزير چيو ته ڏکڻ پنجاب صوبي جو قيام پاڪستان تحريڪ ??نصاف جي منشور جو حصو آهي. هن چيو ته وزيراعظم عمران خان ميلسي جي عوامي رابطا جلسي ۾ ڏکڻ پنجاب آئي??ي ترميمي بل پارليامينٽ ۾ آڻڻ جو اعلان ڪيو، وزيراعظم عمران خان جي هدايت تي مون آئي??ي ترميمي بل، قانون واري وزارت جي منظوري کانپوءِ قومي اسيمبلي جي اسپيڪر جي خدمت ۾ پيش ڪري ڇڏيو آهي، اڄ وزيراعظم عمران خان ۽ پاڪستان تحريڪ ??نصاف ڏکڻ پنجاب جي عوام سان ڪيل هڪ ٻيو واعدو پورو ڪري ڇڏيو آهي.