اسلام آباد – 23 – مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته هيستائين جون سموريون حڪومتون هڪ طرف پر وزيراعظم عمران خان جي ساڍي ٽن سالن جو ??قتدار جي دور ۾ بيشمار سفارتي ڪاميابيون مليون آهن. مملڪتي وزير فرخ حبيب پ??هن??ي ٽوئيٽ ۾ چيو ته پهريون ڀيرو ملڪ جو وزيراعظم پرچين جي سياست کان مٿانهون ٿي اکين ۾ اکيون وجهي ڳالهه ڪرڻ جي ج??ئت رکي ٿو، دنيا عمران خان کي عزت ۽ احترام جي نظر سان ڏسي ٿي، ٽن مهينن ۾ او آءِ سي جو ٻيو اجلاس منعقد ٿيو، عالمي سطح تي موثر آواز بلند ڪرڻ تي گڏيل قومن جو 15 مارچ اسلامو فوبيا کي منهن ڏيڻ جو عالمي ڏينهن قرار ڏنو، عمران خان افغانستان تي عالمي ڌيان ڇڪرايو، ڪشمير مسئلي کي دلير وڪيل بڻجي اجاگر ڪيو، اهو سڀ ڪجهه وزيراعظم عمران خان ئي ڪري سگهي ٿو.