درگئي – 20 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان تحريڪ انصاف جي منحرف ميمبرن کي چيو آهي ته ??هي پنهنجي پارٽي ۾ واپس اچي وڃن آئون انهن کي والد وانگر معاف ڪري ڇڏيندس، جيڪڏهن اهي پنهنجي فيصلي تي قائم رهيا ته ??هي پنهنجو مستقبل سدائين ??ي لاءِ تباهه ڪري ڇڏيندا، عوام انهن کي معاف نه ڪندي، ڪرپشن جي پئسي سان ضمير خريد ڪندڙ ٽن غلامن کي ٻڌائڻ چاهيان ٿو ته ??ي اعتمادي جي رٿ ۾ ڪاميابي اسان جي ٿيندي، قوم فيصلو ڪري ته ??ق ۽ باطل جي جنگ ۾ ان کي ڪنهن سان گڏ بيهڻو آهي، عوام جو پئسو چوري ڪري حڪومت بچائڻ کان بهتر آهي ته ??ڪومت هلي وڃي، اسان گڏيل قومن ۾ 15 مارچ تي اسلامو فوبيا جي خلاف ڏينهن ملهائڻ جي قرارداد جي منظوري سان مسلمان امت جو ڪيس کٽيو آهي، جنگ هارائي معاشرو بيهي رهي ٿو پر اخلاقي تباهي سان ختم ٿي وڃي ٿو. درگئي ۾ عوامي جلسي کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته ??نيد اڪبر کي 25 سال تحريڪ انصاف جي نظرياتي جدوجهد ۽ محنت تي خراج تحسين پيش ڪريان ٿو، بلدياتي چونڊن ۾ درگئي جا باشعور ماڻهو پاڪستان سان گڏ بيهندڙ ملڪ جي آزاد پرڏيهي پاليسي سان گڏ ۽ چوري جي خلاف بيٺل پارٽي جو ساٿ ڏيندا. هن چيو ته قومن جي زندگي ۾ تڏهن فيصلائتو وقت ايندو آهي جڏهن انهن جي آڏو ٻه رستا اچي ويندا آهن، هڪ طرف پاڪستان جا ناليوارا ڦورو گڏ ٿي ويا ۽ ٻئي طرف اهي ماڻهو آهن جن 25 سال انهن جي خلاف جدوجهد ڪئي آهي، انهن ڦورن چوري جي پئسي سان اسان جي ايم اين ??يز جي ضمير جي قيمت لڳائي ڇڏي آهي انهن کي خريد ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن، ضمير فروش پئسو وٺي پنهنجو ملڪ، دين ۽ ضمير جو سودو ڪري ٿو، ڪو به مذهب پنهنجو ضمير وڪرو ڪرڻ جي اجازت نه ٿو ڏي، اهي جيڪي ماڻهو لوٽا ٿي رهيا آهن اهي پنهنجي ضمير جا سودا ڪري رهيا آهن، ملڪ جي عدليه، اليڪشن ڪميشن ۽ ملڪ جو نوجوان ڏسي رهيو آهي، اڄڪلهه سوشل ميڊيا جو دور آهي، نوجوان باشعور آهي، سڄي قوم آڏو ضمير جو سودو ٿي رهيو آهي ۽ ان کي جمهوريت جو نالو ڏنو وڃي ٿو، اسان جمهوريت جو نظام برطانيا کان ورتو، اتي ڪڏهن ڪو ميمبر پنهنجي ضمير جو سودو نه ٿو ڪري، اهي مسلمان نه آهن پر انهن جا قدر بلند آهن، پوري قوم کي چوان ٿو ته ??وهان فيصلو ڪريو ته ??وهان کي ڪٿي بيهڻو آهي، الله اسان کي امر بالمعروف و نهي عن المنڪر جو حڪم ڏنو آهي، جيڪڏهن معاشري کي بچائڻو آهي ۽ عظيم ملڪ بڻجڻو آهي ته نيڪي سان گڏ بيهڻو آهي، جڏهن سنڌ هائوس ۾ پوليس جي پهري ۾ پئسي جي زور تي جمهوريت جو جنازو ڪڍيو وڃي ته ??وام جو فرض آهي ته ??ن سوديبازي جي خلاف آواز اٿاري ۽ ان جي خلاف اٿي بيهي. هن مسلم ليگ (ن) وارن کي مخاطب ڪندي چيو ته ??وهان ٻه ڀيرا زرداري کي جيل ۾ وڌو، جعلي اڪائونٽس تي ڪيس ٺاهيا، پيپلزپارٽي نواز شريف جي خلاف ڪيسز ٺاهيا، انهن چورن هڪ ٻئي جي خلاف ڪيس ٺاهيا، زرداري جو پيٽ ڦاڙي چوري جا پئسا شهباز کي ڪڍڻا هئا، فضل الرحمان کي ڊيزل جو خطاب هڪ ڪرپٽ (ن) ليگي ڏنو. وزيراعظم چيو ته ڇا چوري ڪرڻ وارو مخالف جڏهن گڏجي وڃي ته چوري وڏي شيءَ نه ٿي رهي، دين ماءُ پيءُ جي عزت ڪرڻ جو درس ڏي ٿو، ان جي پٺيان فلسفو اهو آهي ته ??نهن جو پيار بي لوث هوندو آهي، اهي چاهيندا آهن ته ??يڪي غلطيون مون ڪيون آهن اهي منهنجي اولاد نه ڪري، انهن کان ان جي اولاد پڇندي ته ??وهان زرداري کي چور چوندا هئا. وزيراعظم چيو ته ??نهن کي شرم اچڻ گهرجي، هي ملڪ سان اهو ڪرڻ وڃي رهيا آهن جيڪو دشمن نه ٿو ڪري، جنگ هارائي معاشرو بيهي رهي ٿو پر اخلاقيات جي تباهي سان معاشرو ختم ٿي وڃي ٿو، هي جهاد توهان جي معاشري جي بهتري لاءِ آهي، عوام جي چوري جي پئسي سان جيڪي ضمير خريد ڪري رهيا آهن اهي هن ملڪ جي اخلاقيات تباهه ڪرڻ وڃي رهيا آهن، جيڪڏهن ليڊر چور هوندو ته ??هو ڪنهن ٻئي کي روڪي نه ٿو سگهي، اهڙي طرح قوم محنت ڪرڻ ڇڏي ڏي ٿي. وزيراعظم چيو ته ??ن ايم اين ??يز کي ڪروڙين ??پيا ڏئي خريد ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن پارٽي سربراهه پيءُ وانگر هوندو آهي، هاڻي ڇانگا مانگا جا ڏينهن هلي ويا، هاڻي ماڻهن ۾ شعور اچي ويو آهي، ٻار ٻار توهان جي نالن کان واقف آهي، انهن کي خبر آهي ته ??وهان پئسا وٺي وفاداريون بدلا??ي رهيا آهيو، ماڻهن کي توهان جي ڳالهه ناهي مڃڻي، اهي اهو ئي چوندا ته ??وهان پئسا وٺي وفاداريون بدلايون، جيڪو به اسان جي خلاف ووٽ وجهندو اهو پئسا وٺي ووٽ وجهندو، توهان جي نالي سان گڏ سدائين ??مير فروش لکيو ويندو، توهان جو سماجي بائيڪاٽ ٿيندو، توهان پنهنجو مستقبل سدائين ??ي لاءِ تباهه ڪري ڇڏيندا، عوام توهان کي معاف نه ڪندي، ماڻهو انهن ڪٺ پتلين کي ڄاڻين ٿا جيڪي غلطي ڪري ويٺا آهن، انهن کي پيغام آهي ته ??نهن کي معاف ڪري ڇڏيندس، واپس اچي وڃن، پنهنجي ٻارن جي مستقبل لاءِ اها غلطي نه ڪن، مون کي چيو ويو ته مخالف ڌر جي رڳو سنڌ ۾ حڪومت آهي اسان وٽ ته وفاق ۽ صو??ن ۾ حڪومتون آهن انهن کي وڌيڪ پئسا ڏئي واپس وٺي اچون، مون انهن کي چيو ته هي عوام جو پئسو آهي، اهو چوري ڪري پنهنجي حڪومت بچائڻ کان بهتر آهي ته منهنجي حڪومت هلي وڃي، آئون ايم اين ??يز کي رشوت ڏئي حڪومت بچائڻ تي لعنت وجهان ٿو، شهباز شريف چوي ٿو ته ??يبسليوٽلي ناٽ نه چوڻ گهرجي، يورپي يونين ??ي خلاف ڳالهه نه ڪرڻ گهرجي، مون افغانستان ۾ انتشار تي اڏا ڏيڻ کان انڪار ڪيو هو. هن چيو ته پاڪستان آمريڪا جي جنگ ۾ شرڪت ڪئي ۽ 80 هزار کان وڌيڪ پاڪستاني شهيد ٿيا، 100 ارب ڊالر کان وڌيڪ جو معاشي نقصان ٿيو، قبائلي علائقا تباهه ٿيا، اسان امن ۾ آمريڪا جا ساٿي هونداسين پر جنگ ۾ نه. وزيراعظم چيو ته يورپي يونين ??ي سفير پروٽوڪول جي خلاف ورزي ڪندي خط لکيو ته ??وس جي خلاف پاڪستان بيان ڏي، اهو ڪنهن ملڪ جي پرڏيهي پاليسي ۾ مداخلت جي برابر آهي، اسان انهن کي چيو ته هو ڀارت جي خلاف اڳ ۾ بيان ڏين ??ن سان انهن جو ساهه وڃي ٿو. وزيراعظم چيو ته ??ئون الله کانسواءِ ڪنهن آڏو نه جهُڪندس، ان جو مطلب اهو نه آهي ته ??سان ڪنهن جي خلاف جنگ وڙهون، ڀارت سدائين پنهنجي پرڏيهي پاليسي ۾ پنهنجي عوام جو مفاد مٿانهون رکيو، هن وقت به روس تي عالمي پابندين ??ي باوجود هڪ طرف روس کان تيل خريد ڪري رهيو آهي جڏهن ته ٻئي طرف آمريڪا کي چ??ي رهيو آهي ته هو ان سان گڏ آهي، اسان جي ملڪ ۾ 10 سال حڪمران رهندڙن ڊرون حملن جي خلاف ڳالهه نه ڪئي، اهي پئسي جا پوڄاري ۽ منافق ماڻهو آهن، اهي ڪڏهن پنهنجي قوم جي لاءِ نه بيهندا، نواز شريف اربين ??پين ??ي دولت ڦري ٻاهر ويٺو آهي. وزيراعظم چيو ته ??پر طاقتن جي آڏو جهُڪي ۽ غلام بڻجي پاڪستان اڳتي نه ٿو وڌي سگهي، پنهنجي پيرن تي بيهڻ جي لاءِ موجوده حڪومت ٽن سالن ۾ نمايان ڪوششون ڪيون، اسان جيڪي ڪم ڪيا اهي گذريل ڪنهن حڪومت نه ڪيا. هن چيو ته گڏيل قومن ۾ اسلامو فوبيا کي منهن ڏيڻ جي 15 مارچ کي عالمي ڏينهن ملهائڻ جي قرارداد جي ڪري الله مون کي حضور ﷺ جي آڏو سرخرو ڪيو، اولهه ۾ نبي ﷺ جي شان ۾ گستاخي ڪئي ويندي هئي، اسان اها جنگ کٽي ڏيکاري. وزيراعظم چيو ته ??سلامو فوبيا جو معاملو اسان هر فورم تي اٿاريو، فضل الرحمان 30 سالن کان اسلام جي نالي تي سياست ڪري رهيو آهي، هو ٻڌائي ته هن ڪڏهن ان تي ڳالهه ڪئي، گذريل ٻه حڪمران ٻڌائين ??ه ڇا انهن گڏيل قومن ۾ مسلمانن تي ٿيندڙ ظلمن جو معاملو اٿاريو، اسان گڏيل قومن ۾ مسلمان امت جو ڪيس وڙهيو ۽ ڪاميابي حاصل ڪئي. وزيراعظم چيو ته ڪورونا وبا کي منهن ڏيڻ جي لاءِ اسان جي کنيل قدمن کي دنيا ساراهي ٿي. هن چيو ته ميڊيا جو جمهوريت ۾ وڏو اهم ڪردار هوندو آهي جڏهن ته ڪيترن ئي ميڊيا هائوسز ۾ پئسو هلي رهيو آهي، ڪيترائي ٻاهران پئسو وٺي رهيا آهن، اهي انهن ڦورن سان گڏ بيٺل آهن جيڪي ماڻهن جا ضمير خريد ڪري رهيا آهن، قوم انهن کي ڏسي رهي آهي، قوم ميڊيا جو فيصلو به ڪري رهي آهي ته ڪير وڪائو آهي. وزيراعظم چيو ته ??سان جي دور ۾ ملڪي روانگي واپار رڪارڊ، مٽاسٽا جو ناڻو، آءِ ٽي روانگي واپار رڪارڊ رهيو، ٽيڪنالاجي زون سان ان شعبي ۾ پاڪستان سڀ کان اڳتي نڪري ويندو، اسان نوان جديد شهر ٺاهي رهيا آهيون، ناله لئي منصوبي جو اعلان ٻن هفتن ۾ ڪندس، صنعتي پيداوار ۾ رڪارڊ اضافو ٿي رهيو آهي، ريڪوڊڪ تي پاڪستان جي خلاف 6 ارب ڊالر جو ڏنڊ لڳو هو، اسان ٽن سالن جي ڳالهه ٻولهه کانپوءِ معاهدو ڪيو آهي جيڪڏهن اهو معاهدو نه ڪريون ها ته پاڪستان کي 2 هزار ارب رپيا ڏنڊ ڏيڻو پوي ها، هاڻي 10 ارب ڊالر جي تاريخي سيڙپڪاري ٿيندي، ان سان پٺتي رهجي ويندڙ بلوچستان جي ترقي ٿيندي جڏهن ته پاڪستان پنهنجي پيرن تي بيهي سگهندو، اسان پنهنجي دور ۾ ترڪ صدر کان رينٽل پاور تي لاڳو 200 ارب رپيا ڏنڊ معاف ڪرايو، آءِ پي پيز ۽ قطر سان نئين ??ر ڳالهيون ڪري 700 ارب رپيا بچايا، اين ??يڇ اي جي ڪانٽريڪٽ ۾ 2013ع جي ڀيٽ ۾ 2021ع ۾ 24 ڪروڙ رپيا في ڪلو ميٽر لاڳت ۾ گهٽتائي ??ئي?? 2013ع کان 2018ع تائين ??ڳو اين ??يڇ اي جي رستن ۾ هڪ هزار ارب رپيا چوري ٿيا، ايماندار حڪومت عوام جو پئسو بچائيندي آهي اسان لاڳت گهٽ ڪري انهن کان ٻيڻا رستا ٺاهيا، سڄي دنيا ۾ پيٽرول جون قيمتون رڪارڊ سطح تي رهيون جڏهن ته ??سان 10 رپيا في ليٽر گهٽتائي ڪئي، اسان عوام کي صحت جون سهولتون فراهم ڪرڻ جي لاءِ صحت ڪارڊ ڏنو، پورهيتن کي مفت رهائش ۽ کاڌي جي لاءِ پناهگاهون ٺاهيون، سڄي پاڪستان ۾ ان جو نيٽ ورڪ قائم ڪنداسين. وزيراعظم چيو ته 30 لک خاندانن کي گهر ٺاهڻ جي لاءِ قرض ڏ??ي رهيا آهيون، پنهنجي ڪاروبار جي لاءِ قرض فراهم ڪري هيا آهيون، ٻه ڪروڙ خاندانن کي کاڌي پيتي جي شين ??ي سبسڊي ڏ??ي رهيا آهيون، پاڪستان ۾ پهريون ڀيرو ڪنهن حڪومت عوام جو سوچيو آهي، 50 سالن کانپوءِ 10 وڏا ڊيم ٺاهيا پيا وڃن، اسان ايندڙ نسلن جي لاءِ وڻڪاري شروع ڪئي، سياحت جي لحاظ کان پاڪستان کي دنيا جو مرڪز بڻائينداسين، اسڪردو اسڪيئنگ ڪيپيٽل ٺهندو، پنجين ??رجي تائين هڪ جهڙو تعليمي نصاب آندو آهي، ٻارن جي سيرت النبي ﷺ جي روشني ۾ ڪردار سازي جي لاءِ رحمت للعالمين ??ٿارٽي ٺاهي آهي. وزيراعظم چيو ته مون پنهنجي آخري ورلڊ ڪپ ۾ اهو اعلان ڪيو هو ته هي ورلڊ ڪپ کٽي ايندس ۽ آئون هڪ ڀيرو ٻيهر اهو چوان ٿو ته ??نهن ٽن غلامن ٻاهرئين ??نيا جا پير پڪڙي بي اعتمادي جي جيڪا سازش ڪئي آهي اهي ٽئي هي مئچ بري طرح هارائڻ وارا آهن.