اسلام آباد – 21 فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان جي قيادت ۾ پي ٽي آءِ حڪومت ادارن جي مضبوطي تي يقين رکي ٿي. مريم اورنگزيب جي بيان تي پنهنجي ردعمل ۾ مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته اهي حڪومت ۾ هجن ته سڀ سٺو هوندو آهي، مخالف ڌر ۾ هجن ته هر معاملي ۾ ادارن کي سياست ۾ گهيلڻ ??نه?? جو شيوو آهي، اسان کي اداري کي بدنام نه ڪرڻ گهرجي جڏهن اسان روزاني جي بنياد تي دهشتگردي جو مقابلو ڪري رهيا هجون، اسان جا آفيسر ۽ ??وا?? روزانو قربانيون ڏئي رهيا آهن ڪالهه به پاڪ فوج جو هڪ ڪيپٽن ۽ ??وا?? شهيد ٿيا. هن چيو ته ساڍا 3 سال کان اسان ٻڌندا پيا اچون ته عدم اعتماد جي رٿ اچي رهي آهي، هاڻي جڏهن ته (ن) ليگ کي عدم اعتماد ناڪام ٿيندي نظر اچي رهي آهي ته ??نه?? جو دماغي توازن وڃائجي ويو آهي، اڄ (ن) ليگ مون کي ڇو ڪڍيو جي پوزيشن تي ا??ي بيٺي آهي. مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته (ن) ليگ کي سدائين ان وقت ٽيليفون ڪالز جي ياد ايندي آهي جڏهن اها سياسي طور تي بند گهٽيءَ ۾ وڃي پهچي ٿي، (ن) ليگ سدائين قومي مفاد تي ذاتي مفاد کي ترجيح ڏني، لنڊن ۾ و??هي حمدالله جهڙن دشمنن سان ملاقاتون ??نه?? جو شيوو رهيو آهي، ڀڳوڙو بڻجي لنڊن ۾ و??ٺل نواز شريف ادارن جي خلاف زهر اوڳاڙيندو رهيو آهي.