اسلام آباد – 26 جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته اسان منظم مافيا کي منهن ڏئي رهيا آهيون، عالم?? بئنڪ پاڪستان جي 5.37 سيڪڙو ترقي جي تصديق ڪري رهيو آهي، ڪورونا وائرس جي وبا کي منهن ڏيڻ حڪومتي پاليسين جي عالمي سطح تي واکاڻ ٿي رهي آهي ته اهڙي وقت ۾ ٽرانسپ??ين??ي انٽرنيشنل جي بي تُڪي رپورٽ اچي ٿي جنهن جو سر آهي نه پير ۽ هڪ پريس رليز تي هيڊ لائينون لڳي وينديون آهن. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته ٽرانسپي??ين??ي انٽرنيشنل جي رپورٽ چئي ٿي ته پاڪستان ۾ رول آف لا ۾ تنزلي ٿي پر ڪنهن کي خبر ناهي ته هو ايئن ڇو چئي رهيا آهن؟ رپورٽ ۾ مالياتي ڪرپشن جو تذڪرو به ناهي پر پريس رليز ۾ اهڙا قصا جوڙيا ويا ته ڪرپٽ اپوزيشن جي به جرئت ٿي ته حڪومت تي تنقيد ڪري، هن چيو ته ن ليگ ۽ فضل الرحمان عمران خان جي حڪومت کي ڪرپٽ چون، ان کي آسمان تي ٿڪڻ چوندا آهن.