اسلام آباد – 17 جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات وا??ي وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته حڪومت سياسي پارٽين سان ڳالهيون ڪرڻ چا??ي ٿي، اسان چونڊ سڌارا، عدالت ۽ احتساب جي نظام ۾ سڌارا چاهيون ٿا، جيڪي مخالف ڌر کانسواءِ ممڪن نه آهن، ن ليگ ۽ پيپلزپارٽي جي ڪرپٽ قيادت ??نه??جي ڪيسن ۾ رليف کانسواءِ ڪنهن ٻي موضوع تي ڳالهه ڪرڻ نٿي چاهي. ??نه??جي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته جيڪڏهن ن ليگ شريف فيملي کي پاڻ کان علحيده ڪري ٿي ته اها مثبت اڳڀرائي ٿيندي، سياسي پارٽين کي اخلاقي ۽ مالي ڪرپشن جو شڪار قيادت مٽائڻ جي ضرورت آهي، هن چيو ته نواز شريف هر مشڪل وقت ۾ ڪارڪنن کي اڪيلو ڇڏي لنڊن پناهگير ٿي ويو، اهڙي ليڊر جي عزت ناهي رهندي.