اسلام آباد – 14 جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين ??يو آهي ته درست ع??ال??ي رپورٽنگ کانسواءِ عدليه جو وقار ۽ عوام جي بنيادي حقن جو تحفظ ممڪن نه آهي، عدليه جي ڪوريج ڪندڙ صحافي ملڪ ۾ ذميداراڻي صحافت جي فروغ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪن. اها ڳالهه هن ملاقات لاءِ آيل پريس ايسوسي ايشن آف سپريم ??ورٽ ??ي وفد سان ڳالهائيندي چئي.
اطلاعات واري وزير پريس ايسوسي ايشن آف سپريم ??ورٽ ??ي نون چونڊيل عهديدارن کي مبارڪباد ڏيندي ??يو ته ع??ال??ي رپورٽنگ جي اهميت داخل ڪيل ڪيسن جيتري آهي، ڪيس داخل ٿيڻ کان پهرين درجنين معاملن ۾ ع??ال??ون مي??يا رپورٽس تي پاڻمرادو نوٽيس وٺنديون آهن. هن ??يو ته غلط ۽ غير محتاط ع??ال??ي رپورٽنگ سان نه رڳو عوام درست اطلاع جي حق کان محروم رهندي آهي پر قانون جي بالادستي ۽ عدليه جو وقار به متاثر ٿيندو آهي. وفاقي وزير ??يو ته عدليه جو احترام سڀني تي لازمي آهي، جن خبرن تي عدليه نوٽيس وٺندي آهي انهن خبرن جو حقيقي هجڻ ضروري آهي. چوڌري فواد حسين ??يو ته قانوني صحافت ۾ صحافت ۽ قانون ٻئي شامل هوندا آهن، عدليه جي ڪوريج ڪندڙ صحافين جي تربيت ضروري آهي، ان ڏس ۾ حڪومت صحافتي تنظيمن سان گڏجي لائحه عمل جوڙيندي.
وفاقي وزير ??يو ته صحافين کي ترجيحي بنيادن تي صحت ڪارڊز فراهم ڪري رهيا آهيون. ملاقات دوران اطلاعات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين پريس ايسوسي ايشن آف سپريم ??ورٽ ??ي وفد جا مسئلا ٻڌا ۽ انهن جي حل جي خاطري ڪرائي. وفد ۾ پريس ايسوسي ايشن آف سپريم ??ورٽ ??و صدر راجا محسن اعجاز ۽ سيڪريٽري جنرل عديل سرفراز سميت ٻيا ميمبر شامل هئا.