اسلام آباد – 14 جنوري (اي پي پي) ايوان صدر جي جامع مس??د مان عالمن جي معاشرتي ذميدارين جي موضوع تي جمعي جو خطبو سڌو سئنون نشر ڪيو ويو، صدر ڊاڪٽر عارف علوي ۽ ايوان صدر جي عملدارن ۽ عملي جمعي جي نماز ادا ڪئي، خطيب فيصل مس??د ڊاڪٽر قاري ضياءُ الرحمان جمعي جي خطبي ۾ قرآن ۽ سنت جي روشني ۾ عالم سڳورن جي معاشرتي ذميدارين جي اهميت کي اجاگر ڪيو، هن اسلامي تاريخي حوالن جي روشني ?? دين اسلام ۾ عالم سڳورن جي معاشرتي ذميدارين تي خيالن جو اظهار ڪندي چيو ته ماڻهن ۾ فهم دين پيدا ڪرڻ ۽ اصلاح ڪرڻ عالم سڳورن جي ذميداري آهي، جمعو معاشري، ماڻهن ۽ عوام جي اصلاح جو ڏينهن آهي، هن چيو ته اسان جو دين اسلام تمام گهڻو وسيع آهي اهو وقت، قوم ۽ علائقي تائين محدود نه آهي، مس??دن ۽ منبر کي عوام النساس ۽ معاشري جي اصلاح لاءِ استعمال ڪرڻ جي ضرورت آهي، عالم سڳورا سماجي مس??لن جي حل لاءِ اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ??ا، هو مس??دن کان ٻاهر نڪرن ۽ سماجي مس??لن جي حل لاءِ پنهنجون ذميداريون پوريون ڪن، هن چيو ته اسان جي دين ۾ ماڻهن جي اصلاح سان گڏوگڏ حقوق العباد جو نظام به ملي ٿو، ان موقعي تي ملڪ ۽ قوم جي سلامتي، ترقي، خوشحالي جي لاءِ دعا ڪئي وئي، جمعي جي نماز دوران ڪورونا وائرس جي وبا جي نئين لهر جي تناظر ۾ احتياطي تدبيرن تي عمل ڪيو ويو. سماجي فاصلو ۽ ماسڪ پائي نماز ادا ڪئي وئي، واضح رهي ته صدر ڊاڪٽر عارف علوي جي هدايت تي ماڻهن جي رهنمائي لاءِ ايوان صدر جي جامع مس??د مان جمعي جو خطبو سڌو سنئون نشر ڪرڻ جو سلسلو شروع ڪيو ويو آهي.