اسلام آباد – 25 ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته قا??دا??ظم محمد علي جناح جي پاڪستان کي عظيم بڻائڻ جي لاءِ اسان کي ا?? جي ٻڌايل اصولن کي اختيار ڪرڻو آهي، جنهن ننڍي کنڊ جي مسلمانن جي آزادي، جدا ۽ خودمختيار رياست قائم ڪرڻ جي لاءِ اڻٿڪ جدوجهد ڪئي ۽ پنهنجي صلاحيتن، عزم ۽ غيرمعمولي ڪردار جي ??ري پاڪستان جي خواب کي حقيقت ۾ بدلايو آهي. صدر عارف علوي قا??دا??ظم جي 145 هين پيدائش جي ??هاڙي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته موجوده چئلينجز تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ اسان کي اتحاد، تنظيم ۽ يقين محڪم جي ا??م اصولن تي عمل ڪرڻو پوندو، پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ اسان کي نظم ۽ ضبط، ڀائيچاري ۽ لڳاءُ سان ڪم ڪرڻو پوندو. هن چيو ته پاڪستان جي ترقي جي لاءِ معاشري جي سمورن طبقن، قوميتن، اقليتن ۽ هر شخص کي گڏجي ??م ڪرڻو پوندو. هن چيو ته ملڪ جي خوشحالي جي لاءِ معاشري جي نظرانداز ڪيل طبقن جي ??لائي کي ا??لين ترجيح ڏيڻي پوندي. صدر چيو ته اڄ جي ??ينهن اسان ان عزم ک?? ورجايون ٿا ته پاڪستان کي هڪ عظيم ۽ مضبوط ملڪ بڻائينداسين، پوري قوم محسن پاڪستان قا??دا??ظم محمد علي جناح کي خراج تحسين پيش ڪري ٿي.