لاهور – 23 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان پنجاب جي وڏي وزير سردار عثمان بوزدار وزيراعليٰ هائوس ۾ ملاقات ڪئي ۽ وزيراعظم کي پنجاب ۾ جا??ي ترقياتي م??صوبن تي اڳڀرائي، انتظامي معاملن ۽ امن امان جي صورتحال کان آگاهه ڪيو. ملاقات ۾ پنجاب ۾ ڀاڻ جي آبادگارن کي بنا رنڊڪ فراهمي لاءِ ڪي?? انتظامي قدمن کان به وزيراعظم کي آگاهه ڪيو ويو. وزيراعظم صوبي ۾ جا??ي ترقياتي م??صوبن، انتظامي معاملن ۽ امن امان جي صورتحال کي تسلي بخش قرار ڏيندي وڌيڪ بهتري آڻڻ جون هدايتون جا??ي ڪيون، وزيراعظم صوبائي انتظاميه کي م??صوبن جا اثر عوام تائين پهچائڻ لاءِ ٺوس قدم کڻڻ جي هدايت ڪئي. وزيراعظم چيو ته صوبي ۾ جا??ي ترقياتي م??صوبا وقت تي مڪمل ٿيڻ گهرجن ۽ عوام کي هر قسم جي رليف جي فراهمي ۾ ڪا به ڪسر نه ڇڏڻ گهرجي، وزيراعظم حڪومت جي فلاحي م??صوبن جي اثرن کي عوام تائين پهچائڻ لاءِ قدم کڻڻ جي هدايت ڪئي، ان موقعي تي پنجاب جو چيف سيڪريٽري ڪامران علي افضل، آءِ جي پنجاب رائو سردار علي خان ۽ پنجاب جي وڏي وزير جو پرنسپل سيڪريٽري عامر جان به موجود هئا.