اسلام آباد – 20 ڊسمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي چيو آهي ته 20 پرڏيهي وزيرن ۽ 10 نائب پرڏيهي وزيرن جي او آءِ سي پرڏيهي وزيرن جي ڪائونسل جي غير معمولي اجلاس ۾ شرڪت پاڪستان جي وڏي ڪاميابي آهي، 437 وفد پاڪستان ۾ منعقد ان تاريخي اجلاس ۾ شريڪ ٿيا. او آءِ سي پرڏيهي وزيرن جي ڪائونسل جي غير معمولي اجلاس جي حوالي سان اهم بيان ۾ پرڏيهي وزير چيو ته الله تعاليٰ پاڪستان کي وزيراعظم عمران خان جي قيادت ۾ سرخرو ڪيو ۽ ملڪ کي عزت ۽ ڪاميابي عطا فرمائي. پرڏيهي وزير چيو ته افغانستان لاءِ ٽرسٽ فنڊ جي قيام ۾ ڪامياب ٿي وياسين ۽ افغانستان جي بئنڪنگ سسٽم جي بحالي بابت قرارداد آندي، اها تمام وڏي اڳڀرائي آهي، شاهه محمود قريشي چيو ته پاڪستان ۽ سعودي عرب گڏجي ڪردار ادا ڪيو، پ??ڏيهي وزير پرڏيهي آفيس سان تعاون ڪندڙ سمورن ادارن ۽ انهن جي لاڳاپيل شخصيت?? جو ٿورو ادا ڪيو ۽ چيو ته مسئلو طالبا?? جو نه آهي، مسئلو 38 ملين افغان عوام جو آهي، افغان عوام بک ۽ ڏڪار کي منهن ڏئي رهي آهي، افغانستان کي دوائن، خوراڪ، جي فوري ضرورت آهي، پگهار ڏيڻ لاءِ پسئا هوندا ته اسڪولز به هلندا، ايترن ملڪن جي نمائند?? جو پاڪستان اچن تمام وڏي اڳڀرائي آهي، پ??ڏيهي وزير چيو ته قومي اس??مبلي جي اس??يڪر، سينيٽ ۽ پاڪستاني فوج جو ٿورو ادا ڪريان ٿو، پ??ڏيهي وزير جي عملي محنت ڪري ڪانفرنس کي ڪامياب بڻايو، پ??ڪستان ۽ غير ملڪي ميڊيا جنهن ان غير معمولي ۽ تاريخي اجلاس کي رپورٽ ڪيو ا?? جو به ٿورائتو آهيان، دعا آهي ته الله تعاليٰ پاڪستان کي سڄي دنيا ۾ سدائين سرخرو رکي.